آغا سراج ڪيس جي 20 سيپٽمبر کان رزانو ٻڌڻي جو فيصلو

آغا سراج ڪيس جي 20 سيپٽمبر کان رزانو ٻڌڻي جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ آغا سراج دراني جي ضمانت واري درخواست جي 20 سيپٽمبر کان روزانو ٻڌڻي ڪري ترت اڪلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جسٽس نديم اختر تي مشتمل ڊورزن بينچ سنڌ اسمبلي جي اسپيڪر، ٻين جوابدارن ۽ نيب جي وڪيلن کي چيو آهي ته هو مڪمل تياري ڪري پيش ٿين. آغا سراج دراني، سندس ڀاءُ، زال، پٽن ۽ ڌيئرن سميت 13 جوابدارن خلاف آمدن کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ ۽ هڪ ارب 61 ڪروڙ روپين جي ملڪيت ڪرپشن سبب ٺاهڻ تي 2019 ۾ اسلام آباد جي هڪ هوٽل مان گرفتار ڪيو هو ۽ ريفرنس داخل ڪيو هو. هن کي بعد ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ عبوري ضمانت ڏني جيڪا بعد ۾ پڪي ڪري ڇڏي. نيب سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي ۽ سپريم ڪورٽ مارچ 2021 ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪندي ٻيهر ٻڌڻي لاءِ معاملو سنڌ هاءِ ڪورٽ کي موڪليندي چيو ته ميرٽ تي ٻن مهينن ۾ فيصلو ڪريو. عدالت چيو ته جيسين سنڌ هاءِ ڪورٽ فيصلو ڪري تيسيس آغا سراج کي گرفتار نه ڪيو ويندو. جوابدارن مان 2 کي ڪورونا ٿي وئي آهي، عدالت چيو ته انهن جا طبي سرٽيفڪيٽ پيش ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو