زرداري جي بالو جي قبن تي حاضري، عيد ملاقاتون

زرداري جي بالو جي قبن تي حاضري، عيد ملاقاتون

نواب شاهه (ن سنڌيار) اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين عيد الفطر پنهنجي اباڻي شهر نوابشاهه ۾ ملهائي. سخت سيڪورٽي ۾ عيد نماز بعد هو پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان عيد مليو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي صدر آصف علي زرداري سان زرداري هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ عيد مبارڪ ڏني. ان موقعي تي مقامي چونڊيل عهديدارن کانسواءِ نادر مگسي، هري رام، مير طارق، ڄام تماچي، بهادر ڏاهري، گيانچند ۽ ٻيا موجود هئا. بعد ۾ اڳوڻي صدر بالو جا قبا جو دورو ڪيو جتي سندس وڏڙا مدفون آهن.

Photo PPP
کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو