ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرادري جي طبيعت اوچتو خراب ٿيڻ سبب کيس نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پي پي ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ اهو ناهي ٻڌايو ته کيس ڪهڙي تڪليف ٿي ۽ ڪهڙي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب سندس مختلف ۽ ضروري ٽيسٽ ڪيا پيا وڃن. ياد رهي ته 65 سالن جي عمر واري اڳوڻي صدر خلاف مبينه ڪرپشن جا ڪيس داخل آهن ۽ کيس اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي نيب عدالتن ۾ هر هر حاضرين تي گهرايو ويندو آهي ۽ ان ڏس ۾ بلاول ڀٽو ان عمل جي مذمت به ڪري چڪو آهي. گذريل ڀيري حاضري تي هن چيو هو ته سڄي عمر ڪيس هن ڪيسن کي منهن ڏنو آهي ۽ هن ڪمزور طبيعت جي باوجود مسڪرائيندي چيو هو ته هي ته اها ئي جاءِ آهي جتان اسين اڳ ۾ به گذريا هئاسين.










