ميلبورين (ويب ڊيسڪ)آسٽريليا چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پنهنجي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا پاڪستان ۽ يو اي اي ۾ شروع ٿيندي. ڪينگروز ٽيم جي اڳواڻي پيٽ ڪمنز ڪندو.آسٽريليا جي ٽيم جي اسڪواڊ ۾ ايلڪس ڪيري، نيٿن ايلس، آرون هارڊي ۽ جوش هيزل ووڊ شامل آهن.تجربيڪار بيٽسمين ٽريوس هيڊ، جوش انگلز، مارنس لابوشين ۽ مچل مارش کي به ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.چيمپئنز ٽرافي کيڏڻ واري ٽيم ۾ گلين ميڪسويل، ميٿيو شارٽ، اسٽيو سمٿ، مارڪس اسٽونيس ۽ ايڊم زمپا پڻ شامل آهن.ياد رهي ته چيمپيئنز ٽرافي 2025 پاڪستان ۽ يو اي اي ۾ منعقد ٿيڻي آهي، ايونٽ جي شروعات 19 فيبروري تي ڪراچي ۾ پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ جي ميچ سان ٿيندي.










