آزاد عدليه لاءِ وڪيل برادري جي جدوجهد بي مثال آھي:مرتضيٰ وهاب

آزاد عدليه لاءِ وڪيل برادري جي جدوجهد بي مثال آھي:مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، سنڌ جي قانوني صلاحڪار ۽ ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته آزاد عدليه لاءِ وڪيل برادري جي جدوجهد بي مثال آھي، هن چيو ته انصاف جي فراهمي ۾ بار ايسوسي ايشن جو اهم ڪردار آهي، بار ايسوسي ايشن لاءِ ڪورٽ فيس مقرر ڪرڻ لاءِ قانون سازي ڪئي ويندي، هن جمعي ڏينهن بار ايسوسيئيشن ۾ چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي قانون واري سيڪريٽري علي احمد بلوچ، سپريم ڪورٽ جي سينيئر ايڊووڪيٽ عابد زبيري، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ الله بچايو سومرو، پيپلز لائرز فورم ڪراچي ڊويزن جو صدر قاضي بشير احمد ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا، تقريب جي شروعات ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي امڙ جي ايثال ثواب لاءِ خصوصي دعا گھري وئي، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ جي سمورن بار ايسوسيئيشنز کي بنا ڪنهن فرق جي 116 ملين رپين جا فنڊ فراهم ڪيا ويا آهن، وڪيلن لاءِ هيلٿ انشورنس جاري ڪئي وئي آهي ۽ وڪيل برادري کي رهائشي پلاٽ فراهم ڪرڻ لاءِ نئين زمين به مختص ڪئي ويندي. هن چيو ته سنڌ جي ٽن وڏين اسپتالن جناح اسپتال، اين آءِ سي وي ڊي ۽ اين آءِ سي ايڇ ۾ فوڪل پرسن مقرر ڪيا ويندا جيڪي وڪيلن کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڪندا، جڏهن ته فوت ٿيل وڪيلن جي وارثن لاءِ وظيفو مقرر ڪيو ويندو ته جيئن کين مالي مشڪلاتن کان بچائي سگهجي. ايڊمنسٽريٽر ڪراچي چيو ته آء وڪلي برادري جي مسئلن جي حل لاءِ هميشه ساڻن گڏ آهيان ۽ هوندس، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ سنڌ بار ايسوسيئيشن کي فنڊ فراهم ڪرڻ لاءِ رقم مختص ڪئي وئي آهي. هن چيو ته قانون، جمهوريت ۽ آئين جو تعلق پيپلز پارٽي سان آهي ايترو تعلق ڪنهن ٻئي سان ناهي، جمهوريت جي بحالي ۾ پاڪستان جي وڪيلن جو اهم ڪردار آهي، ھنن هميشه آزاد عدليه لاءِ جدوجهد ڪئي آهي، آزاد عدليه سان گڏ هڪ آزاد بار هجڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ اسان اوهان جي جدوجهد جي ڀرپور حمايت ڪنداسين، وڪيلن جي هيلٿ انشورنس جو پريميئم سنڌ حڪومت ڏيندي هن چيو ته بار ايسوسيئشن جي ننڍي بار کي نظرانداز ڪيو ويو پر اسان صوبي سنڌ جي تمام بارن جي سمورن بارز کي فنڊ ڏئي رهيا آهيون، هن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ هجي يا ڊسٽرڪٽ بار ھجي پر وڪيلن ھميشه عوام کي انصاف ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آھي ۽ هن پيشي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي ھن سماج ۾ قدر جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو۔ خاص ڪري اهي وڪيل جيڪي پنهنجي ڪم کي عبادت سمجهن ٿا ۽ پنهنجا فرض پوري ايمانداري ۽ سان سرانجام ڏين ٿا، هڪ آزاد ۽ غير جانبدار عدليه اسان جي اولين ضرورت آهي، جنهن سان عوام کي انصاف جي جلد فراهمي ۾ مدد ملندي ۽ هڪ خوشحال سماج ۾ تبديلي ايندي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي عدالتي نظام کي بهتر ۽ جديد خطوط تي استوار ڪرڻو آهي، جنهن ۾ بار ايسوسي ايشن جو اهم ڪردار آهي، وڪيل برادري جي مسئلن جي حل سان گڏوگڏ عام ماڻھن کي عدالت مان جلد ۽ مڪمل انصاف جي فراھمي بنيادي ترجيع ٿيڻ گھرجي، جنھن لاء جنهن لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن کي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. انشاءَ الله اهو وقت ضرور ايندو جڏهن اسان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي وينداسين. تقريب کي پيپلز لائزر فورم ڪراچي ڊويزن جي صدر قاضي بشير احمد، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ الله بچايو سومرو، سپريم ڪورٽ جي سينيئر ايڊووڪيٽ عابد زبير پڻ خطاب ڪيو. اڳواڻن بار ايسوسيئيشن کي گرانٽ فراهم ڪرڻ تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ قانوني صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جا ٿورا مڃيا.

پهنجو تبصرو موڪليو