راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل عاصم منير سان چيني پرڏيهي وزير ڪين گينگ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ آرمي چيف پاڪ چين اسٽريٽجڪ لاڳاپن تي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ سي پيڪ منصوبي لاءِ چين جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب چيني پرڏيهي وزير سان ملاقات ۾ آرمي چيف چيو ته سي پيڪ چين جي بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي جو اهم حصو آهي.آرمي چيف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جي چين جي غير متزلزل حمايت کي ساراهيو.چيني پرڏيهي وزير چن گنگ برادر ملڪن جي وچ ۾ ڊگهي اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪندي سي پيڪ تي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان کي بروقت مڪمل ڪرڻ لاءِ چين جي عزم کي ورجايو.چيني پرڏيهي وزير علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو.ملاقات ۾ خطي جي اڀرندڙ سيڪيورٽي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آرمي چيف خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ ۾ چين جي ڪردار جو اعتراف ڪيو ۽ ٻنهي طرفن گڏيل سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب چيني پرڏيهي وزير ۽ آرمي چيف وچ ۾ ملاقات مثبت نتيجي تي ختم ٿي، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڊگهي دوستي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو.










