آدمشماري جي مهم 25 اپريل تائين معطل رکڻ جو اعلان

آدمشماري جي مهم 25 اپريل تائين معطل رکڻ جو اعلان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عيد جي موڪلن لاءِ ڊجيٽل مردم شماري کي روڪيندي، پاڪستان شماريات بيورو (پي بي ايس) جمعي تي اعلان ڪيو ته هن وقت تائين 23 ڪروڙ 53 لک کان وڌيڪ ماڻهو ڳڻيا ويا آهن. آبادي جو اهو انگ 2017 واري آدمشماري کان 12.98 سيڪڙو يعني 2 ڪروڙ 70 لک وڌيڪ آهي. 2017 ۾ ملڪ جي آبادي 20 ڪروڙ 7 لک 68 هزار ڄاڻيل هئي. پي بي ايس جي ترجمان سرور گوندل چيو آهي ته آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي (سي ايم سي) جي هدايتن جي روشني ۾ عيد جي موڪلن کانپوءِ ڊجيٽل مردم شماري جو عمل ٻيهر شروع ڪيو ويندو. هن چيو ته عيد جي موقعي تي 21 اپريل کان 25 اپريل تائين ستين آدمشماري ۽ گهر شماري لاءِ فيلڊ سرگرميون معطل ڪيون ويون آهن. سرڪاري اعلان موجب ڪراچي ۾ هن وقت تائين 1 ڪروڙ 65 لک کان وڌيڪ ماڻهو ڳڻيا ويا آهن جڏهن ته لاهور جي آبادي 1 ڪروڙ 50 لک کان وڌي وئي آهي. پنجاب ۾ هن وقت تائين ڳڻپ ٿيل ماڻهن جو انگ 11 ڪروڙ 60 لک کان وڌيڪ آهي جڏهن ته سنڌ ۾ 5 ڪروڙ 20 لک ماڻهو ڳڻيا ويا آهن. خيبرپختونخواهه لاءِ اهو انگ 3 ڪروڙ 90 لک ۽ بلوچستان ۾ هڪ ڪروڙ 90 لک ماڻهن جي ڳڻپ ٿي چڪي آهي. انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته ملڪ جي آبادي سان گڏ ڪراچي ۽ لاهور جي آبادي ۾ به نمايان اضافو ٿيو آهي. پي بي ايس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته صوبائي ۽ ضلعي حڪومتن جي وڌيڪ مدد لاءِ هيلپ لائن 080057574 ۽ هڪ ايس ايم ايس گيٽ وي 9727 قائم ڪيو ويو آهي جتي روز وصول ٿيندڙ شڪايتن جي روشني ۾ نتيجا اپ ڊيٽ ٿيندا آهن. جيڪي علائقا يا ماڻهو ڳڻپ کان رهجي ويا آهن اهي مٿي ڄاڻايل هيلپ لائن تي رابطو ڪن. مجموعي طور تي 495 مردم شماري جا امدادي مرڪز هاڻي سڀني مس ٿيل علائقن لاء ڪم ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو