آبادي ۾ واڌ جو بم ڦاٽو آهي، ان تي ضابطو آڻڻو پوندو: وزير

آبادي ۾ واڌ جو بم ڦاٽو آهي، ان تي ضابطو آڻڻو پوندو: وزير

اسلام آباد (بيورو) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جي اثرن کان بچڻ لاءِ آبادي تي ضابطو آڻڻو پوندو ڇو ته پاڪستان ۾ آبادي تمام گهڻي وڌي وئي آهي، ملڪ ۾ آبادي ۾ واڌ جو بم ڦاٽو آهي.اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته آڪٽوبر ۾ ٿيندڙ سالياني اجلاس دوران آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ سان ڪلائميٽ فنانسنگ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. آءِ ايم ايف پروگرام جي منظوري کانپوءِ موسمياتي فنانسنگ تي به ايگزيڪيوٽو بورڊ سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي، هلندڙ مهيني جي آخر تائين آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ طرفان اسٽاف ليول جي معاهدي جي منظوري ڏني ويندي.محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديليءَ کان متاثر ملڪن جي فهرست ۾ شامل آهي. پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جي اثرن کان بچڻ لاءِ آبادي تي ضابطو آڻڻو پوندو ڇو ته پاڪستان ۾ آبادي تمام گهڻي وڌي وئي آهي، ملڪ ۾ آبادي جي واڌ جو بم ڦاٽو آهي.ناڻي واري وزير چيو ته معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ بجيٽ، ٽيڪس اپاءَ، توانائي جي شعبي، معيار زندگي کي بهتر بڻائڻو پوندو، موسمياتي تبديلي جي منصوبن جي نگراني کي بهتر بڻائڻو پوندو، موسمياتي تبديلين جي اثرن کان بچڻ تي ٻڌل پاليسيون ٺاهڻيون پونديون. هن وڌيڪ چيو ته ملڪي معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ خانگي شعبي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو