اسلام آباد(بيورو)جماعت اسلامي جي وقتي امير لياقت بلوچ چيو آهي ته آئيني ادارن ۾ پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي مقرري نه ٿيڻ گهرجي.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي لياقت بلوچ چيو ته قومي قيادت کي اتفاق راءِ سان بحران مان نڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.لياقت بلوچ چيو ته لاهور مان ٻوڏ متاثرن لاءِ جماعت اسلامي جي تحت سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ امدادي سامان جا 25 ٽرڪ موڪليا ويا آهن.هن چيو ته اڳ به حڪومت جي امدادي سامان ۾ ڪرپشن جو آڊٽ ٿيو پر ڪنهن کي به سزا نه ملي.










