آئين جا  حڪم رولز تي غالب آهن: چيف جسٽس

آئين جا حڪم رولز تي غالب آهن: چيف جسٽس

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ ملڪ جي آئيني سياسي صورتحال تي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي جاري آهي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي ٻڌڻي جي شروعات تي عورت درخواستگذار عدالت کي استدعا ڪئي ته اڳوڻي آمريڪي سفير اسد مجيد کي طلب ڪيو وڃي ته سڀ سامهون اچي ويندو، سمورو معاملو اسد مجيد جي خط سبب ٿيو آهي عورت جي درخواست تي چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته اسان انفرادي درخواستون نه ٻڌي رهيا آهيون، ٻڌڻي دوران رضا رباني چيو ته هو چاهين ٿا ته اڄ دليل مڪمل ٿين ۽ عدالت مختصر حڪم نامو جاري ڪري، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته سموريون ڌريون دليل مڪمل ڪن ته اسان حڪم جاري ڪنداسين رضا رباني چيو ته عدالت کي لکت ۾ دليل ڏئي رهيو آهيان، 15 منٽن ۾ دليل مڪمل ڪندس ۽ چيو ته ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ بدنيتي تي ٻڌل آهي، بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائڻ کان پوءِ 9 ڀيرا بدنيتي وارا قدم کنيا ويا، بي اعتمادي جي رٿ 8 مارچ کان التوا ۾ هئي ڊپٽي اسپيڪر پارليامينٽ آڏو دستاويز پيش ڪرڻ کانسواءِ رولنگ ڏئي ڏني، قومي اسيمبلي رولز 28 جي تحت ڊپٽي اسپيڪر وٽ اختيار هجن ته به رولنگ نٿو ڏئي سگهي، ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ غير قانوني آهي، بي اعتمادي رٿ ووٽنگ جي بغير رد نٿو ڪري سگهجي رضا رباني عدالت کي استدعا ڪئي ته قومي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس جا منٽس ۽ ڪيبل ڪيا وڃن، ان موقعي تي مسلم ليگ ن جي وڪيل مخدوم علي خان دليلن جي شروعات ڪندي پارليامينٽ جي ڪارروائي پڙهي ٻڌائي ۽ عدالت کي استدعا ڪئي ته اسپيڪر جي رولنگ ڪالعدم قرار ڏئي اسيمبليون بحال ڪيون وڃن ٻڌڻي دوران چيف جسٽس 31 مارچ جي اجلاس جا منٽس طلب ڪندي چيو ته اسپيڪر جو وڪيل نعيم بخاري کي اجلاس جو منٽس پيش ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو