ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ صوبي ۾ فول پروف سيڪيورٽي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس طلب ڪيو ويو جنهن ۾ پوليس جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي اجلاس کي خطاب ڪندي آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ هدايتون جاري ڪندي چيو ته پوليس لائنز ۽ ان ۾ موجود مسجدن جي سيڪيورٽِ وڌيڪ سخت ڪئي وڃي اهم سرڪاري آفيسن، عمارتن، ٽريننگ سينٽرز اسٽيبلشمينت ۽ ٻين جي سيڪيورٽي تي خاص فوڪس رکيو وڃي سيڪيورٽي جي سمورن مامرن ۽ قدمن کي ريڊ الرٽ ڪيو وڃي هن چيو ته عوام جو خيال ۽ تحفظ اسان جي پهرين ترجيح آهي ڪراچي پوليس آفيس حملي جو واقعو دل ڏاريندڙ هو جنهن جي جاچ مڪمل ڪئي ويندي واقعي جي جاچ لاءِ هاءِ پاورڊ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي آئي جي سنڌ وڌيڪ هدايت ڏيندي چيو ته واقعي جي شهيدن جي وارثن جو خيال رکيو وڃي ۽ سمورن زخمين کي معياري طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.










