اسلام آباد (بيورو رپورٽ)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جو چوڻ آهي ته هو پاڪستان ۾ تازين اڳڀرائي جو جائزو وٺي رهيو آهي، اميد آهي ته پرامن طريقي سان اڳتي وڌندا.آءِ ايم ايف جي نمائندي ايسٿر پيريز چيو ته پرڏيهي ڀائيوارن طرفان پاڪستان جي مالي مدد جي اعلان کي ڀليڪار ڪندي آءِ ايم ايف باقي گهربل مالياتي يقينن حاصل ڪرڻ جو منتظر آهي.آءِ ايم ايف جي نمائندي موجب نائين اقتصادي جائزي ۾ نظرثاني ٿيل پاليسي فريم ورڪ تي عملدرآمد اهم هوندو.اهم قدمن ۾ فيبروري ۾ پيش ڪيل مني بجيٽ ۽ توانائي جي قيمتن ۾ ترميم، درآمدي پابندين ۾ گهٽتائي، مارڪيٽ جي بنياد تي تبادلي جي شرح ۽ ڪمزورين جي حمايت اقتصادي استحڪام لاءِ اهم آهن.ايستر پيريز جو چوڻ آهي ته ڀائيوارن کان فنانسنگ ميڪرو اقتصادي استحڪام کي ٻيهر حاصل ڪرڻ لاء اهم آهي.










