آءِ ايم ايف جي ڊڪٽيشن موجب بجيٽ منظور ٿي وئي

آءِ ايم ايف جي ڊڪٽيشن موجب بجيٽ منظور ٿي وئي

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) نئين مالي سال 2023-24 جي بجيٽ آچر تي قومي اسيمبلي منظور ڪري ڇڏي. بجيٽ ۾ آ3 ايم ايف جي ڊڪٽيشن تي حڪومت پاران ڪيتريون ئي تبديليون ڪيون ويون، جن ۾ 85 ارب روپين جا غير ترقياتي خرچ گهٽائڻ به آهي. پيرس ۾ وزيراعظم جي ٽي ڀيرا آءِ ايم ايف جي سربراهه سان ملاقات بعد فنڊ جي وفد حڪومت سان ڳالهيون ڪري شرط رکيا هئا جيڪي سڀ منظور ڪيا ويا. بجيٽ اجلاس ۾ ڪورم پورو نه هو سرڪاري بينچن تي رڳو 70 ۽ مخالف ڌر جي بينچن تي 2 ميمبر هئا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، سندس والد آصف علي زرداري ۽ مخالف ڌر جو اڳواڻ راجا رياض به غير حاضر رهيا. اجلاس جي شروعات ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پينشن اسڪيم ۾ مختلف سڌارن تي عملدرآمد جي حڪومتي قدم جو دفاع ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي ڪانٽريڪٽ تي نوڪري آهي ته پوءِ کيس ٻن پينشنن مان هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي. هي سٺو عمل آهي جيڪو گهنو وقت اڳ فيصلو ڪرڻ گهرجي ها. بجيٽ 215 ارب روپين جا نوان ٽيڪس لڳايا ويا آهن ۽ تيڪس وصولين جو حدف 9 هزار 415 ارب روپيا مقرر ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو