اسلام آباد)بيورو رپورٽ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي شرطن تي عمل ڪندي پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس (پي بي ايس) درآمدي ڊيٽا ۾ موجود اربين ڊالرن جون بي ضابطگيون ختم ڪري ماهوار ۽ سالياني بنيادن تي ڊيٽا ۾ ترميم ۽ اپڊيٽ ڪري ڇڏيو آهي. واپار ۽ آمدنيءَ جي انگن اکرن ۾ تقريبن 30 ارب ڊالرن واري ترميم کانپوءِ جِي ڊِي پِي (GDP) تي پوڻندڙ اثرن کي نظر ۾ رکندي نئون معاشي خاڪو مرتب ڪيو ويو آهي.










