اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ سهولتڪاري ڪندڙ نيٽ ورڪ خلاف انٽيليجنس بيسڊ آپريشن جاري آهن، جنهن دوران ضياءَ نالي هڪ شخص کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن جا افغانستان سان به رابطا هئا. طلال چوڌري چيو ته پاڪستان ۾ روزانو لڳ ڀڳ 200 انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيا پيا وڃن ۽ دهشتگردن خلاف ڪارروائين جو سلسلو جاري آهي. هن ٻڌايو ته گرفتار ٿيل ضياءَ آزاد ڪشمير جو رهواسي آهي ۽ گذريل هڪ ڏهاڪي کان مختلف ماڻهن کي هٿيار فراهم ڪرڻ جو ڪم ڪندو رهيو آهي. مملڪتي گهرو وزير موجب ضياءَ مبينا طور دهشتگردي جو نيٽ ورڪ هلائي رهيو هو ۽ سندس افغانستان ۾ به رابطا هئا. هن جو افغانستان موڪليندڙ شخص زرشاد سان به رابطو هو. پريس ڪانفرنس دوران ضياءَ ۽ ماجد وچ ۾ ٿيل مبينا گفتگو جي آڊيو پڻ ٻڌائي وئي. طلال چوڌري دعويٰ ڪئي ته دهشتگردن کي ٻاهرين قوتن طرفان مدد فراهم ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته هن چيو ته ٽيرر ڪرائم نيٽ ورڪ کي سياسي سرپرستي پڻ حاصل آهي. هن افغانستان کي ”سپر پراڪسي“ قرار ڏيندي چيو ته ٽيرر ڪرائم نيٽ ورڪ جو خاتمو حڪومت جي اولين ترجيح آهي. طلال چوڌري آزاد ڪشمير جي نام نهاد عوامي ايڪشن ڪميٽي بابت ڳالهائيندي چيو ته ان کي ٺوس شاهدن جي بنياد تي ڪالعدم قرار ڏنو ويو. هن الزام لڳايو ته ڪالعدم قرار ڏنل ايڪشن ڪميٽي ڪشمير جي چونڊن کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.










