شڪارپور (عبدالخالق سومرو) نوجوان پراسرار نموني فوت۔ شڪارپور جي جيم خانه ڀرسان پراسرار نموني بيهوشي واري حالت ۾ هٿ آيل 15 ورهين جو نوجوان اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو. فوت ٿي ويل نوجوان جي سڃاڻپ اٺين جماعت جي شاگرد محمد عمر لاشاري ولد اشفاق احمد لاشاري طور ڪئي وئي آهي. اسپتال انتظاميا موجب نوجوان کي بيهوشي واري حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي علاج دوران هن دم ڏئي ڇڏيو. نوجوان جي چاچي منير لاشاري ٻڌايو ته محمد عمر جي ڪنهن سان به ڪا دشمني نه هئي. هن چيو ته نوجوان واقعي کان لڳ ڀڳ ٻه ڪلاڪ اڳ گهران نڪتو هو، جنهن بعد اطلاع مليو ته هو جيم خانه ڀرسان بيهوشي واري حالت ۾ پيل آهي.ڻمنير لاشاري وڌيڪ ٻڌايو ته نوجوان اسپتال پهچڻ وقت به بيهوش هو ۽ هوش ۾ اچڻ کان سواءِ دم ڏئي ڇڏيو. ضروري قانوني ڪارروائي بعد نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي. پوليس موجب امڪان آهي ته نوجوان نشي آور شيءِ استعمال ڪرڻ سبب فوت ٿيو هجي، جڏهن ته موت جو اصل سبب پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ئي معلوم ٿي سگهندو.










