سکر (ن س) ٿاڻو آباد جي حدن ۾ نيب ڪورٽ ايئرپورٽ روڊ تي ٽريفڪ حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 20 ورهين جو زوهیب شاهه فوت ٿي ويو، جڏهن ته 16 ورهين جو ساحل شاهه سخت زخمي ٿي پيو. حادثي کانپوءِ فوت ٿيل نوجوان زوهیب شاهه جو لاش سول اسپتال سکر منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته سخت زخمي ساحل شاهه کي فوري طبي امداد لاءِ ريور سٽي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس علاج جاري آهي. حادثي سبب علائقي ۾ ڏک ۽ افسوس جي لهر پکڙجي وئي، جڏهن ته پوليس واقعي بابت وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.










