دڙو: گهرو اڻبڻت تان سڳي ڀاءُ هٿان نوجوان ڀيڻ قتل

دڙو: گهرو اڻبڻت تان سڳي ڀاءُ هٿان نوجوان ڀيڻ قتل

دڙو:(ن س) دڙو ڀرسان گهرو اڻبڻت تان ڀاءُ پسٽل جا فائر ڪري نوجوان 14 ورهين جي ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو. راڄ واهه ڀرسان ڳوٺ مولوي احمد گگو ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو جتي مبينا طور گهرو اڻبڻت تان 14 سالن جي ناري ماريه مگسي کي سندس سڳي ڀاءُ خليل مگسي مبينا طور پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو.پوليس موجب واقعو پيش اچڻ کان پوءِ جوابدار خليل مگسي مبينا طور موقعي تان فرار ٿي ويو جنهن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.پوليس موجب ناري جو لاش تعلقه اسپتال آندو ويو، جتي پوسٽ مارٽم جي سهولت موجود نه هجڻ سبب لاش وڌيڪ ضروري ڪارروائي لاءِ سجاول منتقل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته فرار جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي جاري آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو