خانپورمهر: (ن س) خانپورمهر ۾ پاڻي جي واري تان گڏاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن جي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان قتل ٿي ويو.خانپورمهر ڀرسان سوچارو جي علائقي ڳوٺ عبدالڪريم گڏاڻي ۾ گڏاڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پاڻي جي واري تان جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 25 ورهين جو نوجوان حسن علي پٽ عبدالواحد گڏاڻي مارجي ويو.مقتول جو لاش تعلقه اسپتال خانپورمهر منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.










