لاڙڪاڻو: رڪشا تي فائرنگ، عورت قتل، 2 ڄڻا زخمي

لاڙڪاڻو: رڪشا تي فائرنگ، عورت قتل، 2 ڄڻا زخمي

لاڙڪاڻو:(ن س) لاڙڪاڻي ڀرسان بقاپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ وڏا مهر ڀرسان عورت سميت ٽن ڄڻن تي فائرنگ جي نتيجي ۾ عورت قتل، جڏهن ته 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. تفصيل موجب ڳوٺ غازي خان جتوئي جا رهواسي عورت سميت ٽي ڄڻا چنگچي رڪشا تي لاڙڪاڻو سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ اچي رهيا هئا ته سندن مٿان بااثر غلام عباس، جانب ۽ مرتضي جمالي موٽرسائيڪل تي سوار ٿي فائرنگ ڪري ٽن ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمين کي علائقي واسين لاڙڪاڻي شهر جي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو جتي هڪ عورت زاھده جمالي زخمين جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي. ٻن زخمين جو علاج جاري آهي.ان موقعي تي زخمي جي وارثن مسمات رخسانه جمالي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بااثر مختلف طريقن سان حراسمنٽ ڪندا هئا، اسان جا ويجها مائٽ نادرا آفيس ڪارڊ ٺھرائڻ لاءِ اچن پيا ته رستي تي فائرنگ ڪري ٽن ڄڻن کي زخمي ڪري موقعي تان جوابدار فرار ٿي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو پئسن جي ڏيتي ليتي تان پيش آيو آهي، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا. متاثر عورت رخسانه آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ انصاف ڪيو وڃي، جان کي خطرو آهي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو