ميرپورماٿيلو: مڙس هٿان زال قتل، پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو

ميرپورماٿيلو: مڙس هٿان زال قتل، پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو

ميرپورماٿيلو: (ن س) ميرپور ماٿيلي ڀرسان گهريلو اڻبڻت تان مڙس فائرنگ ڪري زال کي قتل ڪرڻ کان پوءِ پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو.ميرپور ماٿيلي ڀرسان ڳوٺ مير خان وسير ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي مبينا طور گهرو اڻبڻت تان عبدالجبار وسير پنهنجي گهرواري رابيعه وسير کي فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ بعد پاڻ کي به گولي هڻي مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي.واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو. اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي جا لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا. پوليس موجب واقعي جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي..

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو