ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته جنهن کي به شوق آهي اهو نون صوبن جي قرارداد اسيمبلي ۾ پيش ڪري.سنڌ انسٽيٽيوٽ آف اينيمل هيلٿ ڪورنگي ۾ افتتاحي تقريب کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پمز اسپتال جو واقعو ڏکوئيندڙ آهي، اسان جي انسٽي ٽيوٽس کي وڌيڪ بهتر هجڻ جي ضرورت آهي.نون صوبن جي سوال تي جواب ڏيندي هن چيو ته انهي معاملي تي ڳالهائينداسين ته انهي ۾ فائدا ۽ نقصان ڪهڙا آهن. بلدياتي نظام کي مضبوط، ڪيپسٽي بلڊنگ ٺاهڻ اسان جو مينفيسٽو آهي. ٻين صوبن کي به گهرجي ته اهي پنهنجن بلدياتي ادارن کي مضبوط ڪن. سنڌ اسيمبلي 6 ڀيرا اڳ به نون صوبن جي مخالفت ۾ قرارداد منظور ڪري چڪي آهي. سڀاڻي اسيمبلي ۾ ٿي سگهي ٿو ته نوبن صوبن جي مخالفت جي قرارداد منظور ٿئي جنهن کي شوق آهي اهو قرارداد اسيمبلي ۾ کڻي اچي.وڏي وزير پيٽس اسپتال جي آپريشن ٿيٽر، وارڊز ۽ آءِ سي يو جو دورو ڪيو ۽ ڊائيگناسٽڪ بي، پوسٽ مارٽم هال ۽ جديد ليبارٽريز جو به معائنو ڪيو. انهي موقعي تي هن پيٽس اسپتال جي مختلف شعبن، وارڊز، ريڪوري وارڊ، ايڪسري ۽ ٻين سهولتن جو به جائزو ورتو جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير کي سنڌ انسٽيٽيوٽ آف اينيمل هيلٿ ۾ نئين سهولتن بابت تفصيلي بريفنگ به ڏني وئي.










