ڦرلٽ جي سسٽم کي جام ڪري ڇڏينداسين: حافظ نعيم الرحمان

ڦرلٽ جي سسٽم کي جام ڪري ڇڏينداسين: حافظ نعيم الرحمان

پشاور: (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جا پيٽروليم ليوي ۽ مهانگائي خلاف ڪراچي، لاهور ۽ پشاور ۾ ڌرڻا چوٿين ڏينهن به جاري آهن.جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان روزاني رات جي اونداهي ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي کي نه قبول ڪرڻ جوڳو قرار ڏيندي قيمت ۾ گهٽتائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان پشاور ۾ ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته هڪ ليٽر پيٽرول تي 130 روپيه ٽيڪس وصول ڪيو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي وڏي جدوجهد جي لاءِ تيار آهي انهي ڏينهن کان ڊڄو جڏهن عوام جو سمنڊ اسلام آباد طرف مارچ شروع ڪري، شهباز شريف صاحب اوهان کي ليوي جو مسئلو حل ڪرڻو پوندو.حافظ نعيم الرحمان چيو ته اسان ڀڃ ڊاهه، باهيون ڏيڻ نٿا چاهيون پر ڪرپشن ۽ ڦرلٽ جي سسٽم کي جام ڪنداسين، حڪومت کي پوئتي هٽڻو پوندو. جڏهن عوام کي سڏ ڏيندس ته اها اسلام آباد پهچي ته پوءِ اسان جا موبائل فون بند هوندا، پوءِ اوهان جي ڪابه ڳالهه نه ٻڌي ويندي. جماعت اسلامي جي امير چيو ته حڪومت پاڻ پنهنجا قرض معاف ۽ ٽيڪس معاف ڪرائيندي آهي، پيٽروليم ليوي مڙهي غريب عوام تي ٽيڪسز جو بار وڌو ويو آهي.هن تنقيد ڪندي چيو ته سياسي پارٽين کي عوام جي مسئلن جي خبر ئي نه آهي، حڪمران ۽ ادارا ٻڌي ڇڏين فوري طور تي پيٽروليم ليوي ختم ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي آندي وڃي.هوڏانهن جماعت اسلامي جي اڳواڻ لياقت بلوچ لاهور جي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت جا 28 مهينا مڪمل ٿي چڪا آهن پر اهي صورتحال تي ڪنٽرول نه ڪري سگهيا آهن، حڪمران عياشيون ۽ پروٽوڪول ڇڏيڻ لاءِ تيار نه آهن. جماعت اسلامي جي ڌرڻي سبب لاهور ۾ مال روڊ ٻنهي طرفن کان بند ۽ ٽريفڪ جي روانگي سخت متاثر آهي جنهن جي ڪري شهرين کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو