سنڌ جي وسيلن ۽ عوام جي حقن جو تحفظ ڪنداسين،مولانا

سنڌ جي وسيلن ۽ عوام جي حقن جو تحفظ ڪنداسين،مولانا

سکر (جئيرام بختيارپوري): جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ملڪ هن وقت سنگين معاشي بحران جو شڪار آهي، حڪمران عوام کي ٻڌائن ته پاڪستان اڄ ڪهڙي صورتحال ۾ بيٺل آهي. پارليامينٽ جو اِن ڪئمرا اجلاس گهرائي ملڪ جي معاشي، دفاعي ۽ سلامتي واري صورتحال تي سنجيدگي سان غور ڪيو وڃي.جي يو آءِ سنڌ جي جنرل ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ڀارت دنيا جي چوٿين وڏي معيشت بڻجي چڪو آهي ۽ ان جا پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 700 ارب ڊالر تائين پهچي چڪا آهن، جڏهن ته پاڪستان جا ذخيرا 8 کان 10 ارب ڊالر کان اڳتي وڌي نٿا سگهن. اسان کي ٻڌايو وڃي ته پاڪستان، سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه اڄ ڪهڙي هنڌ بيٺل آهن. هن چيو ته ڀارت سان جنگ دوران جي يو آءِ فوج جو ساٿ ڏنو ۽ الله تعاليٰ ڪاميابي عطا ڪئي، جنهن تي اسان کي فخر آهي. جنگ چار ڪلاڪن جي هجي يا ان کان وڌيڪ، پر قومن جي مستقل زندگي ۾ ارتقا جو سفر اڳتي وڌندو رهي ٿو. صوبن جي ورهاست جي ڳالهه نه ڪريو مولانا فضل الرحمان چيو ته نوان صوبا ٺاهڻ جي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ ڏسڻو پوندو ته ان لاءِ ماحول، تياري ۽ ضرورت موجود آهي يا نه. فاٽا جي ضم ٿيڻ جي مخالفت به جمعيت علماءِ اسلام ان وقت ڪئي هئي، پر اسان جي ڳالهه نه ٻڌي وئي. اڄ به اتي پوليس ۽ انتظامي نظام مڪمل طور قائم نه ٿي سگهيو آهي ۽ هاڻي صوبن جي ورهاست جي ڳالهه شروع ڪئي وئي آهي. هن چيو ته سنڌ هن وقت صوبن جي ورهاست لاءِ بلڪل تيار ناهي. اوهان ڪينالن جي ڳالهه ڪئي، ٻڌايو ته ڇا ٺاهي سگهيا آهيو؟ قوم کي پاڻ ۾ نه وڙهايو، صوبن کي ورهائڻ قوم کي ورهائڻ جي برابر آهي. ورهاست کانسواءِ اوهان وٽ ٻيو ڪجهه ناهي. سنڌ جي وسيلن ۽ عوام جي حقن جو تحفظ ڪنداسين جي يو آءِ سربراهه چيو ته سنڌ جي وسيلن، پاڻي ۽ عوام جي حقن تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو قبول نه ڪيو ويندو. ملڪ جي سمورن صوبن سان انصاف ٿيڻ گهرجي ۽ عوام جي مسئلن کي ترجيح ڏني وڃي. هن چيو ته ملڪ ۾ غداري ۽ وفاداري لاءِ حڪمرانن پاران مقرر ڪيل معيار قبول نه ڪنداسين. ملڪ صرف اوهان جو ناهي، هي ملڪ اسان جو به آهي. ملڪ سان وفاداري جو سرٽيفڪيٽ اوهان کان وٺڻ جي ضرورت ناهي.”مان 46 سال اوهان کي ڀوڳيندو آيو آهيان، مان ڇو ڊڄان؟“مولانا فضل الرحمان پنهنجي خلاف ٿيندڙ ڪاررواين تي سخت ردعمل ڏيندي چيو ته منهنجي خلاف ماڻهو موڪليا وڃن ٿا، اوهان جي واردات جو طريقو انگريزن وارو آهي، طريقو تبديل ڪريو ۽ پنهنجو قبلو درست ڪريو. مان 46 سال اوهان کي ڀوڳيندو آيو آهيان، مان ڇو ڊڄان؟هن چيو ته اسان پاڻ کي اوهان جو ماتحت نٿا سمجهون. اوهان جيڪو چئو ۽ اسان لبِيڪ چئون، ائين ممڪن ناهي. رياست ماءُ جيان هوندي آهي، جيڪڏهن رياست ماءُ آهي ته ان کي عملي طور ثابت به ڪرڻو پوندو. عالمي معاملن تي واضح پاليسي ضروري آهيمولانا فضل الرحمان چيو ته خطي ۾ پاڪستان جا ڀارت، چين، ايران ۽ بنگلاديش سان لاڳاپا ڪيئن هئڻ گهرجن، ان تي سنجيدگي سان غور ڪيو وڃي. هر معاملي کي سنجيدگي سان ورتو وڃي ۽ غير ذميواراڻين ڳالهين سان ملڪ کي وڌيڪ نقصان نه پهچايو وڃي. هن چيو ته شهباز شريف جي حڪومت هجي يا ان کان اڳ جون حڪومتون، جي يو آءِ ماضي ۾ جنرل پرويز مشرف ۽ ايوب خان خلاف به ميدان ۾ آئي ۽ جيلون ڪاٽيون. اسان اصولن تي سمجهوتو نه ڪنداسين.مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي ۽ گذريل 25 سالن کان ملڪ سان جيڪو ڪجهه ڪيو پيو وڃي، ان سبب پاڪستان پوئتي وڃي رهيو آهي ۽ زخم وڌيڪ گهرا ٿيندا پيا وڃن.هن چيو ته حڪومت ڪرڻ جو حق ان کي آهي جيڪو عوام جي ووٽ ۽ اعتماد سان اقتدار ۾ اچي. ڌانڌلي ذريعي اقتدار ۾ ايندڙن کي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ گهرجن. هن صوبائي اسيمبلي جي معاملن تي پڻ سخت تنقيد ڪئي.مولانا فضل الرحمان چيو ته ختمِ نبوت ﷺ جي مسئلي تي سپريم ڪورٽ ۾ قرآن ۽ حديث مان اهڙا حوالا پيش ڪيا ويا، جن سان علماءَ اتفاق نه ڪيو. قانون کان عدالت تائين ۽ وڪيل کان جج تائين نظام جو بنياد ايل ايل بي ۽ ايل ايل ايم جي قانوني تعليم تي آهي، پر انهن ڊگرين ۾ قرآن ۽ حديث جو حصو ڪٿي آهي؟هن چيو ته ملڪ جي عوام کي هڪ فرد جي چوڌاري بحث ۾ الجهائي ڇڏيو ويو آهي ته ڪير صحيح آهي ۽ ڪير غلط. حڪمراني جي ڳالهه ٿيندي ته زرداري کان نواز شريف ۽ نواز شريف کان زرداري تائين بحث ڪيو وڃي ٿو، پوءِ بحث ٿئي ٿو ته باجوه سٺو هو يا راحيل شريف يا ڪو ٻيو فرد، حالانڪه اصل مسئلو فرد نه پر نظام ۽ پاليسي آهي. مولانا فضل الرحمان آخر ۾ چيو ته قوم کي ورهائڻ بدران متحد ڪيو وڃي، صوبن کي ورهائڻ بدران انهن جي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ ملڪ جي معاشي، سياسي ۽ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ سنجيده قدم کنيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو