اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاهر اندرابي چيو آهي ته پاڪستان کي آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي آهي، ڇڪتاڻ کي حل ڪرڻ جي لاءِ سفارتي ڪوششون جاري آهن، ٻنهي ملڪن سان تڪرار ختم ڪرڻ جي لاءِ رابطي ۾ آهيون، اميد آهي ته ٻئي ڌريون ٻيهر ڳالهين جي ميز تي واپس اينديون. هفتيوار ميڊيا بريفنگ ۾ طاهر اندرابي جو چوڻ هو ته افغانستان جي معاملي تي چين جي تعميري ۽ مسلسل ڪوششن جي تعريف ڪريون ٿا، پاڪستان افغانستان جي معاملي تي هر مثبت ۽ تعميري ڳالهين جي لاءِ هميشه تيار رهيو آهي، افغانستان جي معاملي تي اڳڀرائي طالبان حڪومت جي پڪن ۽ تصديق جوڳن قدمن سان مشروط آهي.هن چيو ته طالبان حڪومت ٽي ٽي پي، بي ايل اي ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن جي خلاف موثر ڪارروائي ڪري، طالبان حڪومت کي افغان زمين دهشتگردي جي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪڻ جي يقيني ضمانت ڏيڻي پوندي. افغانستان سان رابطن جي حوالي سان پاڪستان جو موقف واضح آهي. انهي ۾ ڪابه تبديلي ناهي آئي، طالبان حڪومت جي يقين ڏيارڻ ۽ عملي قدمن تي افغانستان سان رابطي جو فيصلو ٿيندو.طاهر اندرابي جو وڌيڪ چوڻ هو ته سفارتڪارن جو تعليمي ادارن جو دورو غير معمولي ڳالهه نه آهي، سفارتڪارن جا تعليمي ادارن سان رابطه ۽ دورا معمول جي ڳالهه آهي، تعليمي ادارن ۾ ڪنهن به ايلچي جي سرگرمي کي ٻطرفي لاڳاپن جي پيمائش جو پيمانو نٿو بنائي سگهجي. ايلچي جي تعليمي اداري جي دوري کي غير ضروري طور تي سياسي حوالي سان نه ڏٺو وڃي.پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارت پنهنجي مرضي جا نتيجا نه اچڻ تي عالمي قانوني ذميوارين کان هٿ نٿو کڻي سگهي. ڀارت جو رويو معاهدن جي تقدس ۽ عالمي تڪرارن جي حل جي نظام کي نقصان پهچائي رهيو آهي. ڀارت جو طرز عمل قائم ٿيل عالمي، قانوني ۽ تڪرارن جي حل جي طريقيڪار تي اعتماد کي مجروح ڪري رهيو آهي.طاهر اندرابي وڌيڪ چيو ته ڀارت جو رويو گڏيل وسيلن بابت قانوني معاهدن جي لاءِ ٻين خطن ۾ به خطرناڪ مثال بڻجي سگهي ٿو. ڏکڻ ايشيا جهڙي حساس خطي ۾ سرحد پار پاڻي جي انتظام ۾ هڪ طرفه قدم انتهائي ڳڻتي جوڳا آهن. سرحد پار آبي وسيلن جي معاملي ۾ هڪ طرفه قدم پائيدار امن ۽ علاقائي استحڪام جي ابتڙ آهن.هن پاڪستان جي مطالبي کي هڪ دفعو ٻيهر ورجائيندي چيو ته ڀارت سنڌ طاق معاهدي جي مڪمل پاسداري ڪري ۽ معاهدي جي تحت قائم اداره جاتي نظام جو احترام ڪري ٻنهي ملڪن سنڌ طاس معاهدي جي فريم ورڪ کي باقاعده طور تي قبول ڪيو هو.










