سنڌ جي ورهاڱي خلاف وحدت سنڌ مارچ

سنڌ جي ورهاڱي خلاف وحدت سنڌ مارچ

حيدرآباد(ن س )سنڌ جي وحدت، سنڌو درياهه جي پاڻي، قدرتي وسيلن ۽ اين ايف سي ايوارڊ ۾ سنڌ جي حصي ۾ مبينا ڪٽوتي خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي حيدرآباد ۾ ”وحدت سنڌ مارچ“ ڪيو ويو، جنهن ۾ مختلف سياسي، سماجي تنظيمن، وڪيلن، اديبن، دانشورن، هارين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مارچ کي خطاب ڪندي اڳواڻن سنڌ جي ورهاڱي جي ڪنهن به ڪوشش کي رد ڪندي سنڌ جي وسيلن ۽ سنڌو درياهه جي پاڻي جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان ڪيو.اديب ۽ دانشور جامي چانڊيو چيو ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو سڏ گڏيل سڏ آهي، جنهن ۾ وطن دوست، عوام دوست ۽ سنڌ سان محبت ڪندڙ سموريون ڌريون شامل آهن. هن چيو ته سنڌ کي موجوده صورتحال مان بچائڻ لاءِ سياسي شعور، قومي ٻڌي ۽ عوامي يڪجهتي ضروري آهي.جامي چانڊيو سنڌ حڪومت ۽ پوليس جي احتجاج بابت مبينا رويي تي تنقيد ڪندي چيو ته پرامن احتجاج عوام جو آئيني حق آهي ۽ حڪومت يا پوليس کي اهو حق روڪڻ جو اختيار ناهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ جي وجود سان کيڏڻ کان پاسو ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ عوام پنهنجي مزاحمت جاري رکندو. جسم جي چيئرمين رياض چانڊيو الزام لڳايو ته وحدت سنڌ مارچ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ مختلف رستا بند ڪيا ويا ۽ سندن ساٿين جون گرفتاريون ڪيون ويون. هن چيو ته سنڌ هزارين سالن کان سندن وطن آهي، جنهن کي ورهائڻ نه ڏنو ويندو ۽ سنڌو درياهه جي پاڻي، ڪوئلي، گئس ۽ سامونڊي وسيلن جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رهندي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻ وسند ٿري چيو ته سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ خلاف سنڌ جو عوام اڳ به آواز بلند ڪندو رهيو آهي ۽ اسٽريٽجڪ ڪينالن واري معاملي تي به عوامي مزاحمت سبب پوئتي هٽڻو پيو. هن چيو ته ڪارڪنن جون گرفتاريون تحريڪ کي ختم نٿيون ڪري سگهن، هڪ ماڻهو گرفتار ٿيندو ته ٻيا ڪيترائي اڳتي ايندا. وسند ٿري الزام لڳايو ته سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن کي ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ٻين منصوبن ذريعي ڌارين حوالي ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته سنڌ جي ڌرتي ايندڙ نسلن جي امانت آهي ۽ ان جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رهندي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻ روشن ٻرڙو چيو ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي طرفان ڪڍيل ”وحدت سنڌ مارچ“ سنڌ جي عوام جو سڏ آهي، جنهن کي رستن جي بندش، پوليس جي روڪٿام يا ڪيسن ذريعي روڪي نٿو سگهجي. روشن ٻرڙو چيو ته سنڌ جو هر اهو ماڻهو، جيڪو سنڌ کي پنهنجو وطن ۽ ڌرتي کي ماءُ سمجهي ٿو، اهو هن جدوجهد جو حصو آهي. سندس دعويٰ آهي ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ سندن سوين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پر ان باوجود ڪارڪن قافلن جي صورت ۾ حيدرآباد پهچي رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ هميشه پنهنجي وجود ۽ وحدت جي تحفظ لاءِ تاريخي جدوجهد ڪئي آهي، جڏهن ته اڄوڪو جلسو سنڌ جي عوامي راءِ جو اظهار ۽ ”عوامي ريفرنڊم“ ثابت ٿيندو.روشن ٻرڙو حڪمرانن کي مخاطب ٿيندي چيو ته سنڌ اوهان کي عزت، ووٽ ۽ اقتدار ڏنو آهي، تنهن ڪري سنڌ سان دشمني وارو رويو اختيار نه ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ايندڙ نسل اوهان کان سوال ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته مختلف طرفن کان قافلا حيدرآباد پهچي رهيا آهن ۽ رستن تي رڪاوٽن باوجود ڪارڪن هر صورت ۾ مارچ ۾ شرڪت ڪندا. ھڪ سوال جي جواب ۾ روشن ٻرڙو چيو تہ سنڌ جي انتظامي وحدت ۽ ان حوالي سان سياسي پارٽين جي عملي ڪردار بابت موقف سامهون اچڻ جو امڪان آهي. هاري اڳواڻ ثمر جتوئي چيو ته حيدرآباد مان سنڌ جي ورهاڱي خلاف تحريڪ جي شروعات ٿي وئي آهي ۽ سنڌ جي عوام ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي ورهاڱي کي قبول نه ڪندي. هن چيو ته سنڌ وٽ پنهنجي تاريخ، ٻولي، ثقافت ۽ وسيلن جو حق آهي.ثمر جتوئي وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ڪوئلي، گئس ۽ سنڌو درياهه جي پاڻي سميت قدرتي وسيلن بابت سنڌ جي خدشن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. هن 1991ع جي پاڻي ٺاهه ۽ 1973ع جي آئين تي مڪمل عملدرآمد جو مطالبو ڪندي چيو ته سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن بابت ٿيندڙ فيصلن خلاف عوامي آواز وڌيڪ مضبوط ٿيندو. مارچ جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ جي وحدت، پاڻي، زمين ۽ قدرتي وسيلن جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رهندي، جڏهن ته سنڌ جي ورهاڱي جي ڪنهن به تجويز يا ڪوشش جي ڀرپور مخالفت ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو