ڪراچي (بيورو رپورٽ): سنڌ حڪومت صوبي ۾ پبلڪ سروس گاڏين جي حفاظت ۽ قانوني گهرجن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ جامع انفورسمنٽ مهم ۽ سخت ڪريڪ ڊائون شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. صوبائي ۽ علائقائي ٽرانسپورٽ اٿارٽيز، سمورن ڊي آر ٽي ايز ۽ موٽر وهيڪل انسپيڪشن ونگ کي فوري طور تي گاڏين جي سخت چيڪنگ ۽ ڪارروائي جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. صوبائي وزير ٽرانسپورٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڊجيٽل روٽ پرمٽ، درست فٽنيس سرٽيفڪيٽ ۽ لازمي فائر ايڪسٽنگوشر کانسواءِ هلندڙ ڪنهن به پبلڪ سروس گاڏي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.هن چيو ته ڪيترائي پبلڪ سروس گاڏيون اڃا تائين ڊجيٽل روٽ پرمٽ ۽ درست فٽنيس سرٽيفڪيٽ کانسواءِ روڊن تي هلي رهيون آهن، جڏهن ته ڪجهه گاڏين ۾ فائر ايڪسٽنگوشر پڻ موجود ناهن، جيڪي مسافرن جي حفاظت لاءِ سنگين خطرو آهن. شرجيل انعام ميمڻ موجب سمورن پبلڪ سروس گاڏين جي ڊجيٽل روٽ پرمٽن جي تصديق ڪئي ويندي، جڏهن ته دستي روٽ پرمٽ غير مؤثر تصور ڪندي منسوخ ڪيا ويندا. صوبائي وزير هدايت ڪئي ته درست فٽنيس سرٽيفڪيٽ کانسواءِ هلندڙ گاڏين کي فوري طور تي تحويل ۾ ورتو وڃي، جڏهن ته مقرر حفاظتي معيار مطابق فعال فائر ايڪسٽنگوشر هر پبلڪ سروس گاڏي ۾ لازمي هوندو. موٽر وهيڪل انسپيڪٽرز کي اوچتا معائنا ڪرڻ ۽ ڀڃڪڙي جي صورت ۾ فوري ڪارروائي جون هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون آهن. حڪومت موجب قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن جي جامع فهرست تيار ڪئي ويندي ۽ هر ٻن هفتن کانپوءِ ڪارروائين ۽ وڌيڪ بهتري لاءِ تجويزن تي ٻڌل رپورٽ ٽرانسپورٽ کاتي کي جمع ڪرائي ويندي. بار بار قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ آپريٽرز جا نالا بليڪ لسٽ ڪرڻ لاءِ تجويز ڪيا ويندا، جڏهن ته خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ڏنڊ، روٽ پرمٽ معطل ڪرڻ ۽ ضرورت پوڻ تي لائسنس رد ڪرڻ سميت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. لازمي حفاظتي گهرجون پوريون نه ڪندڙ ڪنهن به پبلڪ سروس گاڏي کي روڊن تي هلڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.










