نوشهرو فيروز (ن س) نوشهرو فيروز باءِ پاس وٽ قومي شاهراهه تي بزم ايوينيو جي سامهون هڪ روڊ حادثو پيش آيو ، جنهن جي نتيجي ۾ 2 نوجوان فوت ٿي ويا آهن. موٽر سائيڪل ٻئي نوجوانن جو باءِ پاس وٽ ٽرالر جي ٽڪر لڳڻ سبب موقعي تي فوت ٿي ويا،ذريعن موجب فوت ٿيل ٻئي نوجوان بزم ايوينيو جا رهاڪو ۽ اصغر منگي جا پٽ هئا. ٻنهي نوجوانن جا لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.










