جوانن جي قربانين جي امن و امان جي صورتحال ۾ بهتري آهي

جوانن جي قربانين جي امن و امان جي صورتحال ۾ بهتري آهي

ڪراچي، (اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو ڪورنگي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري (ڪاٽي) ۾ قائم ڪيل “ڪرائم مانيٽرنگ اينڊ ٽاسڪ فورس سيل” جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي ڪاٽي جو صدر اڪرم راجپوت، ڊپٽي پيٽرن ان چيف زبير ڇايا، سينئر نائب صدر زاهد حميد ۽ سيد طلحه علي، اڳوڻا صدر شيخ عمر ريحان، مسعود نقي، سيد فرخ اظهر، جنيد نقي، احتشام الدين سميت ڪاٽي جا ٻيا عهديدار پڻ موجود هئا. ڪاٽي جي صدر اڪرم راجپوت آءِ جي سنڌ جي ڪاٽي آمد تي ٿورا مڃيندي چيو ته سندس آمد واپاري برادري ۽ پوليس وچ ۾ مضبوط رابطي جي عڪاس آهي. هن چيو ته ڪرائم مانيٽرنگ اينڊ ٽاسڪ فورس سيل جو قيام پوليس ۽ صنعتي ۽ واپاري برادري جي باهمي تعاون سان ڏوهن جي خاتمي ڏانهن هڪ اهم قدم آهي. اڪرم راجپوت چيو ته واپاري برادري جي مسئلن جي حل ۽ صنعتي علائقن ۾ سيڪيورٽي جي بهتري لاءِ آءِ جي سنڌ جون ڪوششون ساراهڻ جوڳيون آهن. پوليس ۽ واپاري برادري جي گڏيل سهڪار سان ڏوهن جي روڪٿام ۽ ڪاروباري سرگرمين لاءِ محفوظ ماحول کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿو. ان موقعي تي آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو چيو ته واپاري برادري جو تحفط ۽ صنعتي علائقن ۾ امن ۽ امان جو قيام سنڌ پوليس جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي. پوليس ۽ واپاري برادري وچ ۾ اثرائتو رابطو ڏوهن جي روڪٿام ۽ شهرين جي تحفظ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته صنعتي ۽ واپاري سرگرمين لاءِ محفوظ ماحول جي فراهمي هر ممڪن طور يقيني بڻائي ويندي، جڏهن ته ڏوهن جي نشاندهي، نگراني ۽ وقتائتي ڪارروائي لاءِ جديد طريقيڪار کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو پيو وڃي. آءِ جي سنڌ چيو ته سنڌ پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن جي قربانين جي ڪري اڄ شهر ۾ امن و امان جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، ۽ پوليس ڏوهن جي خاتمي ۽ شهرين جي جاني ۽ مالي تحفظ لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري رهي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو