اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته جماعت جي احتجاجي تحريڪ 21 ڏينهن کان جاري آهي، عوام کي رليف ڏياري ساهه پٽينداسين، حڪمران عوامي مسئلن جي بجاءِ لنڊن تي وڌيڪ ڌيان ڏئي رهيا آهن.پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن جو چوڻ هو ته سوات ۾ گذريل رات وڏو جلسو ٿيو جنهن کان پوءِ اتي به ڌرڻو شروع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سموري ملڪ ۾ هڙتال سبب هڪ وڏو اثر پيو آهي جنهن کان پوءِ کي عوامي ڪاوڙ جو احساس ٿيو ۽ رابطو ڪيو، پر اهو قدم اڳ ۾ کڻڻ گهرجي ها، حڪومت سان ٽيڪميڪل ڪميٽي جي سطح تي ڳالهيون ٻن ڏينهن کان پوءِ شروع ٿينديون، حڪومت کي سڌو سنئون عوام کي رليف ڏيڻ گهرجي.هن چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون وڌڻ سان مهانگائي ۾ اضافو ٿيندو آهي، پر جڏهن قيمتون گهٽ ٿينديون آهن ته انهي جو فائدو عوام تائين نٿو پهچايو وڃي. جماعت اسلامي جي امير موجب پيٽروليم شيون مهانگيون ٿيڻ سان هر شيءَ جي قيمت وڌي ويندي آهي جنهن جو بار عام ماڻهو مٿان وڌو وڃي ٿو.جماعت اسلامي جي امير واضح ڪيو ته جيستائين عوام کي رليف نٿو ڏنو وڃي، ڌرڻا جاري رهندا.، هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ڳالهين ۾ اڳڀرائي نه ٿي ته سموري ملڪ ۾ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي ويندي. جنهن سبب ٽرانسپورٽ ۽ پيٽرول پمپ به بند ٿيندا. انهي حوالي سان ٽرانسپورٽرز ۽ پيٽرول ڊيلرز سان به مشاورت ڪئي ويندي.










