ڪراچي ۾پابندي مڙهيل تنظيم جو ٽارگيٽ ڪلر گرفتار

ڪراچي ۾پابندي مڙهيل تنظيم جو ٽارگيٽ ڪلر گرفتار

ڪراچي (رپورٽر): ڪراچي ۾ کاؤنٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ۽ حساس ادارن گڏيل ڪارروائي ڪندي پابندي مڙهيل تنظيم سپاهه محمد سان تعلق رکندڙ مبينا ٽارگيٽ ڪلر کي گرفتار ڪري ورتو آهي. سي ٽي ڊي ترجمان موجب، گرفتار ڪيل ٽارگيٽ ڪلر جي سڃاڻپ سيد محمد عسڪري عابديءَ جي نالي سان ٿي آهي، جنهن کي شواهدن جي بنياد تي حراست ۾ ورتو ويو. ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو