راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني فوج جي سربراهه (آرمي چيف) جنرل سيد عاصم منير سان شام جي پرڏيهي وزير اسعد حسن الشيباني وفد سان گڏ جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي آهي.انٽر سروسز پبلڪ ريليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب ملاقات ۾ علائقائي سلامتيءَ جي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي فروغ ڏيڻ جي امڪانن تي تبادلي خيال ڪيو ويو. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير شام سان پاڪستان جي ڏيرينه برادراڻن تعلقاتن کي اجاگر ڪيو ۽ عالمي امن و علائقائي استحكام بابت پاڪستان جي مؤقف کان آگاهه ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف گڏيل سلامتيءَ جي چئلينجن سان منهن ڏيڻ لاءِ سهڪار ۽ گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو. ان موقعي تي شامي پرڏيهي وزير علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ پاڪ فوج جي پيشيورانه ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي ڌرين ٻه طرفن تعلقاتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، دفاع ۽ سلامتيءَ جي شعبن ۾ تعاون کي وسعت ڏيڻ جو عزم ظاهر ڪيو.










