اسپين ۾ وقت کان اڳ عام چونڊ، دنيا جي اهم خبرن جي سمري

اسپين ۾ وقت کان اڳ عام چونڊ، دنيا جي اهم خبرن جي سمري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سانچيز ملڪ ۾ گهرن جي ڪرائي ۾ اضافي ۽ کوٽ خلاف سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ احتجاجن بعد 29 نومبر تي عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
اسپين جو سوشلسٽ اڳواڻ وقت کان اڳ چونڊون ڪرائي فريش مينديٽ ذريعي پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو. اسپين ۾ شيڊول موجب آگسٽ 2027 ۾ اليڪشن ٿيڻي هئي.
اسپين جي انتهائي ساڄي ڌر جي جماعت ووڪس جي اڳواڻ سانتياگو اباسڪل پڻ اوچتين چونڊن جي اعلان تي ردعمل ظاهر ڪندي ان کي مثبت قرار ڏنو آهي.
آمريڪا ۾ جاسوسي جي الزام ۾ چيني عورت گرفتار
آمريڪا جي وفاقي جاچ اداري (ايف بي آءِ) آچر ڏينهن ڪيليفورنيا سان تعلق رکندڙ 34 ورهين جي هڪ عورت کي گرفتار ڪيو آهي، جنهن تي چين جي غير رجسٽرڊ ايجنٽ طور ڪم ڪرڻ ۽ مبينا طور تائيوان جي صدر جي پٽ ۽ سندس خاندان جي نگراني ڪرڻ جا الزام لڳايا ويا آهن.
آمريڪي جهازن جي نڪرڻ بعد برطانوي بيس محفوظ آهي
ٽين ڊائوننگ اسٽريٽ چيو آهي ته هڪ درجن جي لڳ ڀڳ آمريڪي بمبار جهازن جي واپس آمريڪا ڃڻ بعد فيئرفورڊ ايئر بيس هاڻي محفوظ آهي.
27 سيپٽمبر تي ٽي مشڪوڪ گاڏين جي ايئربيس لڳ پهچڻ ۽ انهن ۾ ماسڪ پاتل ماڻهو سوار هجڻ جو معاملو سامهون آيو هو. پوليس اڳ ۾ پنج ڄڻا گرفتار ڪيا، مٿن ڌماڪيدار مواد ۽ دهشتگردي سان لاڳاپيل قلم لاڳو ڪري ڪيس داخل ڪيو هو پر کين ٻئي ڏينهن ضمانت تي آزاد ڪيو ويو هو. بعد ۾ هڪ ايراني شهري جنهن وٽ ٻٽي شهريت هئي، ان کي گرفتار ڪيو ويو پر ٻئي ڏينهن هنکي به آزاد ڪيو ويو هو.
روس جي حملي ۾ يوڪرين جي پل تي ڌماڪو
روس جي ڊرون حملي م يوڪرين جي گادي واري شهر ڪيف جي هڪ اهم پل ۾ کڏو پئجي ويو. انتظاميا پل کي بند ڪري ڇڏيو ءٌ روس تي سول انفرا اسٽرڪچر کي نشانو بنائڻ ۽ جنگي ڏوهن ۾ ملوث هئڻ جو الزام لڳايو.

پهنجو تبصرو موڪليو