سکر (بيورو رپورٽ) يومِ دفاعِ پاڪستان جي موقعي تي سکر ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ضلعي انتظاميا جي اهتمام هيٺ شهيدن ۽ غازينِ وطن کي خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ پروقار دفاعِ پاڪستان واڪ منعقد ڪئي وئي. واڪ ميونسپل جناح اسٽيڊيم کان سکر پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي، جنهن ۾ ميئر سکر ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ، چونڊيل نمائندن، انتظامي آفيسرن، سول سوسائٽي، نوجوانن، واپاري برادري، ميڊيا نمائندن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.واڪنگ ٽريڪ سکر تي قومي پرچم ڪشائي ۽ ڪيڪ ڪاٽڻ جي تقريب پڻ منعقد ٿي. ان موقعي تي خطاب ڪندي بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ چيو ته 6 سيپٽمبر پاڪستان جي تاريخ جو روشن باب آهي، جنهن تي پوري قوم کي فخر آهي. شهيد ۽ غازي قوم جو فخر آهن، انهن جون قربانيون قومي تاريخ جو قيمتي اثاثو آهن.هن چيو ته وطن جي سلامتي ۽ خودمختياري لاءِ ڪنهن به قرباني کان پاسو نه ڪيو ويندو. پاڪ فوج پنهنجي پيشوراڻي صلاحيت ۽ بهادري سان ثابت ڪيو آهي ته پاڪستان پنهنجي دفاع جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو.ميئر سکر فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت، عزم ۽ بهادري کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته وطن جو دفاع رڳو سرحدن تي نه، پر سفارتي محاذ تي پڻ ڪيو ويندو آهي. هن چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته هن عالمي سطح تي پاڪستان جو موقف اثرائتي نموني پيش ڪيو.بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ چيو ته يومِ دفاع جون تقريبون نوجوان نسل ۾ حب الوطني ۽ قومي يڪجهتي کي هٿي ڏيڻ جو ذريعو آهن. 6 سيپٽمبر اسان کي اتحاد، عزم، نظم و ضبط ۽ قرباني جو درس ڏئي ٿو.تقريب جي پڄاڻي تي پاڪستان جي سلامتي، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعا ڪئي وئي، جڏهن ته يومِ دفاع جي مناسبت سان ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ پاڪستان زنده باد، پاڪ فوج زنده باد جا نعرا هنيا ويا.










