سنڌ حڪومت مير رضا قتل جي عدالتي جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي

سنڌ حڪومت مير رضا قتل جي عدالتي جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت آچر ڏينهن چيو آهي ته اها صوبائي هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي درخواست ڪندي ته مير رضا علي جي قتل واري ڪيس جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن قائم ڪئي وڃي، جيڪا اهو طئي ڪري ته جاچ غيرجانبداري سان ۽ قانون موجب ٿي رهي آهي يا نه.
اهو فيصلو مقتول جي والدين پاران سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات کان ڪجهه ڏينهن پوءِ ڪيو ويو آهي. والدين وڏي وزير کي درخواست ڪئي هئي ته هو پاڻ ڪيس جي جاچ جي نگراني ڪري ۽ جي آءِ ٽي جوڙي وڃي.
سندس والدين، مير حسين ۽ مريم، پنهنجي وڪيل جبران ناصر ذريعي سنڌ جي وڏي وزير کي خط لکيو هو، جنهن ۾ الزام لڳايو ويو ته جاچ جو عمل اڃا تائين متاثر ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته جاچ ٽيم ”مبينا طور فوت ٿيل شخص جي خودڪشي واري غلط بيانئي کي برقرار رکڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي.“
سنڌ جي وڏي وزير جي آفيس پاران آچر ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته خاندان جو خط ”همدردي ۽ انتهائي سنجيدگي“ سان وصول ڪيو ويو.
بيان ۾ چيو ويو، ”خاندان پاران ظاهر ڪيل خدشن تي غور ڪرڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته معزز چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي درخواست ڪئي وڃي ته هو غيرجانبدار ۽ شفاف جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن قائم ڪري.“
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڪميشن اهو طئي ڪري ته ڪيس جي جاچ غيرجانبداري ۽ قانون موجب ٿي رهي آهي يا نه. ان سان گڏ جاچ جي ڪنهن اهڙي رخ يا ثبوت جي نشاندهي پڻ ڪئي وڃي، جنهن بابت وڌيڪ تحقيق جي ضرورت هجي.
ان کان علاوه ڪميشن اهو به طئي ڪندو ته ڇا ”ڪنهن پوليس آفيسر، ميڊيڪو-ليگل آفيسر يا ڪنهن ٻئي سرڪاري اهلڪار غفلت، فرض ۾ ڪوتاهي، پيشوراڻي بدانتظامي، ثبوت لڪائڻ يا ان ۾ ڦيرڦار، يا ڪنهن غيرقانوني عمل، ڪوتاهي يا معاملي کي لڪائڻ“ جو مظاهرو ڪيو. سنڌ حڪومت جي بيان موجب، جتي ضرورت محسوس ٿئي، اتي ڪميشن وڌيڪ جاچ، فرانزڪ تجزيي ۽ مناسب قانوني يا کاتي جي سطح تي ڪارروائي جون سفارشون ڪري سگهي ٿي.
بيان ۾ چيو ويو، ”پنهنجي ذميوارين کي مؤثر نموني انجام ڏيڻ لاءِ ڪميشن کي سنڌ ٽربيونلز آف انڪوائري آرڊيننس 1969ع تحت سمورا اختيار حاصل هوندا. انهن ۾ سول ڪورٽ جا اختيار پڻ شامل هوندا، جن تحت شاهدن کي طلب ڪرڻ ۽ سندن حاضري يقيني بڻائڻ، حلف تي بيان وٺڻ ۽ دستاويزن ۽ ٻين رڪارڊن جي پيشڪش ڪرائڻ شامل آهي.“
”سمورن سرڪاري کاتن، ادارن ۽ آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪميشن سان مڪمل سهڪار ڪن ۽ ان پاران گهريل هر رڪارڊ، دستاويز ۽ هر قسم جي مدد فراهم ڪن. گهرو کاتو ضروري سيڪريٽريٽ جي سهولت فراهم ڪندو.“
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڪميشن کي پنهنجي قيام کان 30 ڏينهن اندر پنهنجي رپورٽ، نتيجن ۽ سفارشن سميت سنڌ حڪومت کي پيش ڪرڻي هوندي. جيڪڏهن مڪمل ۽ منصفاڻي جاچ لاءِ وڌيڪ وقت ضروري هجي ته مقرر مدي ۾ واڌ به ڪري سگهجي ٿي.
حڪومت چيو، ”ڪميشن کي جاچ جي طريقيڪار ۽ جاچ ڪندڙن جي ڪارروائي جو جائزو وٺڻ ۽ قانون موجب مناسب قدم جي سفارش ڪرڻ جا مڪمل اختيار حاصل هوندا.“
سنڌ حڪومت غم جي هن گهڙيءَ ۾ مير رضا علي جي خاندان سان يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪيو.
25 ورهين جو واپاري مير رضا علي، جيڪو انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (IBA) جو گريجوئيٽ هو، 29 جولاءِ تي ڪراچي جي گلستانِ جوهر واري علائقي ۾ جهنگ ۾ گولي لڳل حالت ۾ مئل مليو هو. کيس هڪ ڏينهن اڳ گم ٿيل قرار ڏنو ويو هو.
مقتول جي پهرين پوسٽمارٽم ۾ خود ڪشي جو تاثر ڏنو ويو ۽ ظاهري زخم به لڪايا ويا. بعد قبرڪشائي بعد ڪيل پوسٽمارٽم موجب هن جي چهري ۽ هٿن کي تيزاب سان ساڙيو ويو جيئن سندس بايوميٽرڪ يا فيشل سڃاڻپ نه ٿي سگهي، سندس پاسيريون ڀڳل هيون، پيٽ ۽ ڪپڙن مان تيزاب جا جزا به مليا هئا.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو هو ته مقتول کي بدترين تشدد بعد قتل ڪيو ويو هو. ابتدائي طور ايس پي سميع الله سومرو جاچ ڪري پيو، جنهن بعد ڊي آءِ جي، سربراهي ۾ جاچ ٽيم جوڙي وئي.
سنڌ حڪومت اڳ ۾ به عدالتي جاچ جي آڇ ڪئي هئي جيڪا مقتول جي والدين رد ڪندي چيو هو ته پوليس جي جاچ ٽيم تي کين اعتماد آهي. بعد ۾ هنن جي آءِ ٽي جو مطالبو ڪيو هو.
هاڻي جڏهن پوليس رپورٽ اچڻ واري هئي ته سنڌ حڪومت سرڪيوليشن سمري ذريعي عدالتي جاچ جي منظوري وٺي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي عدالتي جاچ لاءِ چيو آهي.
ڪجهه سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي شرجيل ميمڻ ۽ سندس پٽ کي قتل جو ذميوار قرار ڏنو هو، جنهن جو هنن انڪار ڪندي الزام لڳائيندڙن خلاف سائبر ڪرائيم ۾ درخواست ڏني هئي ۽ لاڳاپيل سوشل ميڊيا اڪائونٽ هلائيندڙن کان جواب طلبي به ڪئي وئي هئي ۽ جاچ هلندڙ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو