سنڌ ۽ ھونان سسٽر صوبن جي ليٽر آف انٽريسٽ تي صحيحون

سنڌ ۽ ھونان سسٽر صوبن جي ليٽر آف انٽريسٽ تي صحيحون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۽ ھونان سسٽر صوبن جي ليٽر آف انٽريسٽ تي صحيحن جي ذريعي سھڪار کي مضبوط بڻائي ورتو آھي. سنڌ حڪومت ۽ عوامي جمھوريھ چين جي صوبي ھونان ۾ ٻنھي ڌرين ۾ سھڪار جي حڳالي سان ليٽر آف انٽريسٽ تي صحيحن سان گڏ اداري جاتي، اقتصادي ۽ عوامي سطح تي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ھڪ اھم قدم کنيو آھي. ليٽر آف انٽريسٽ تي سنڌ حڪومت جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري سينئر وزير جناب شرجيل انعام ميمڻ ۽ ھونان فارن افيئرز جي ڊائريڪٽر جنرل محترمھ گوونگ صحيحون ڪيون. صحيحن جي تقريب سنڌ ۽ ھونان جي وچ ۾ سھڪار کي وڌائڻ ۾ اھم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿي، جنھن سان گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ وڌيڪ رابطن جي لاءِ ھڪ فريم ورڪ جوڙيو ويندو ۽ اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري، ٽيڪنيڪي ۽ ثقافتي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جا رستا کُلندا. تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنر شپ منصوبن بابت خاص مددگار قاسم نويد قمر ۽ گوانگزو ۾ پاڪستان جي قونصل جنرل جناب ياسر اقبال بٽ سميت ٻنھي صوبن جي اعليٰ اختيارين ۽ نمائندن شرڪت ڪئي. ھي اڳڀرائي ھلندڙ سال اپريل مھينين ۾ اسلامي جمھوريھ پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري جي ھونان جي دوري جي پسمنظر ۾ سامھون آئي آھي، جنھن ٻنھي صوبن جي وچ ۾ سھڪار کي مضبوط بڻائڻ جو بنياد رکيو. ليٽر آف انٽريسٽ مان اميد آھي تھ قريبي اداري جاتي رابطي ڪاري ۾ سھولت ملندي، ڪاروبارسان ڪاروباري رابطن کي ھٿي ملندي، سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالوجي ۾ شراڪت داري جي حوصلا افزائي ٿيندي ۽ ٻنھي صوبن ۾ ڪاروباري ادارن ۽ عوام جي لاءِ نوان موقعا پيدا ٿيندا. سنڌ جي گونان گون اقتصادي صلاحيت ۽ ھونان جي مضبوط صنعتي، ٽيڪنيڪي ۽ زرعي صلاحيت سان، مضبوط شرڪاري عملي سھڪار ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل ترقي جي لاءِ ھڪ پليٽ فارم فراھم ڪري ٿي. ليٽر آف انٽريسٽ ٽي صحيحون ٻنھي صوبن جي ان گڏيل عزم کي بھ سگھارو بڻائن ٿيون تھ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ پراڻي دوستي کي اقتصادي ترقي، سيڙپڪاري، جدت، علم جي مٽا سٽا ۽ عوامي سطح تي رابطن جي صورت ۾ ٺوس نتيجن ۾تبديل ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو