ڪراچي (رپورٽر) امير جماعت اسلامي سنڌ ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته پيٽروليم شين تي ليوي جي نالي ۾ ڀتو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ خلاف ڪراچي، حيدرآباد سميت سڄي ملڪ ۾ جاري احتجاجي ڌرڻا هاڻي رڳو جماعت اسلامي جو نه، پر سڄي قوم جو آواز بڻجي چڪا آهن. 3 سيپٽمبر تي ليوي ڀتي خلاف سنڌ ۾ ڀرپور شٽر بند هڙتال ڪئي ويندي، جنهن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ جماعت اسلامي جا ضلعي اڳواڻ ڏينهن رات هڪ ڪري عوام کي متحرڪ ڪن.اهڙن خيالن جو اظهار هن صوبائي دفتر قباء آڊيٽوريم ۾ عهديدارن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، جنهن ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ جا ضلعي اڳواڻ شريڪ ھئا.ھن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، پر حڪمرانن جي ڪنن تي جون به نٿي چري. پيٽرول، ڊيزل، بجلي، گئس ۽ روزمره جي استعمال وارين شين جي قيمتن ۾ مسلسل اضافي سبب عام ماڻهو لاءِ گهر جو چلهو ٻارڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي.حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ بدران نون ٽيڪسن ۽ ليوين جو بار وجهي رهي آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. ھن چيو ته سنڌ حڪومت جي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب ڪراچي جا شهري ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگو اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. سنڌ جي وڏي شهر ۾ عوام بنيادي خوراڪ جي شين لاءِ به پريشان آهي، جڏهن ته حڪومتي ادارا عوامي مسئلا حل ڪرڻ بدران خاموش تماشائي بڻيل آهن. هن مطالبو ڪيو ته عوام کي مهانگائي مان نجات ڏيارڻ لاءِ فوري ۽ عملي قدم کنيا وڃن ۽ ناجائز ٽيڪسن ۽ ليوين جو خاتمو ڪيو وڃي. دادو ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ٿيل جهيڙي ۽ ان جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي ڪاشف سعيد شيخ چيو ته سنڌ ۾ رت جي راند ۽ سرعام خطرناڪ هٿيارن جو استعمال حڪومتي رٽ لاءِ وڏو سوال بڻجي چڪو آهي. حڪومت قبيلائي جهيڙن، بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ جي خاتمي سان گڏ امن جي بحالي ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي.هن چيو ته سنڌ جي عوام کي امن، تحفظ ۽ قانون جي حڪمراني جو حق حاصل آهي، پر بدقسمتي سان ماڻهو پنهنجي جان ۽ مال جي تحفظ بابت سخت پريشان آهن. حڪومت کي گهرجي ته بنا ڪنهن فرق جي ڏوهارين، ڌاڙيلن ۽ قبيلائي جهيڙن ۾ ملوث هٿياربند ڌرين خلاف سخت ڪارروائي ڪري ۽ سنڌ ۾ امن بحال ڪرڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي.سنڌ جي امير دادو جي واقعي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي مرحومين جي مغفرت، بلند درجات ۽ سوڳوار خاندانن لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.#










