شڪارپور (رپورٽ: عبدالخالق سومرو) خانپور انڊس هاءِ وي تي مزدا ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر، 4 ڄڻا فوت، هڪ زخمي. خانپور انڊس هاءِ وي تي مزدا ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. پوليس موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو. حادثي کانپوءِ پوليس مزدا گاڏي کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته فوتين جا لاش ضابطي جي ڪارروائي لاءِ مقامي اسپتال منتقل ڪيا ويا. پوليس موجب حادثي ۾ فوت ٿيلن جي سڃاڻپ خانچند اوڏ، حاڪم، رمیش ۽ سھنو اوڏ طور ٿي آهي، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿيو، جنهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.










