روهڙي ۾ جهيڙو، فائرنگ ۾ 7 ڄڻا زخمي، 5 گرفتار

روهڙي ۾ جهيڙو، فائرنگ ۾ 7 ڄڻا زخمي، 5 گرفتار

روهڙي (ن س): روهڙي جي علائقي ڪربلا ميدان ۾ معمولي ڳالهه تان جاگيراڻي برادري ۽ ڀارا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران لٺين، سروٽن ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ ڀارا برادري جا 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.زخمين ۾ ارشاد ڀارو، سليم ڀارو، نبي بخش ڀارو ۽ عيدن ڀارو ۽ ٻيا شامل آهن. واقعي کانپوءِ زخمين کي طبي امداد لاءِ تعلقه اسپتال روهڙي منتقل ڪيو ويو، جتي سندن علاج جاري آهي.واقعي جي اطلاع ملڻ تي روهڙي پوليس فوري طور تي ڪربلا ميدان پهچي ٻنهي ڌرين وچ ۾ جاري جهيڙو ختم ڪرايو ۽ صورتحال تي ضابطو آندو. پوليس ڪارروائي ڪندي جاگيراڻي برادري جي 3 ۽ ڀارا برادري جي 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، جيڪي هن وقت پوليس جي حراست ۾ آهن.واقعي جي خبر پکڙجڻ کانپوءِ ٻنهي ڌرين جا ڪيترائي ماڻهو پڻ تعلقه اسپتال پهچي ويا، جنهن سبب صورتحال وڌيڪ ڇڪتاڻ واري ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿيو. ان تي روهڙي پوليس جي وڏي نفري اسپتال پهچي ماڻهن کي ڪنٽرول ۾ رکيو ۽ امن امان جي صورتحال برقرار رکي.روهڙي پوليس جو چوڻ آهي ته شهر ۾ کلي عام فائرنگ ڪرڻ سنگين ڏوهه ۽ دهشتگردي جي زمري ۾ اچي ٿو، ڪنهن به شخص کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. پوليس موجب جهيڙي واري واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ جنهن به ڌر جو ڏوھ ثابت ٿيو، ان خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.پوليس موجب زخمين جو تعلقه اسپتال روهڙي ۾ علاج جاري آهي، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.پوليس جو چوڻ آهي ته جهيڙي ۾ ملوث ٻنهي ڌرين جا گرفتار ٿيل ماڻهو پوليس جي حراست ۾ آهن، جڏهن ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو