ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) شاهه فيصل-ڪورنگي فلائي اوور تي ڌاڙيلن شهرين کي ڦريو.پوليس موجب، ٽي ڌاڙيل روڊ بلاڪ ڪري شهرين کي ڦري رهيا هئا. ڌاڙيلن ڪيترن ئي شهرين کان موبائل فون ۽ قيمتي شيون ڦري ورتيون. شهري شاهه فيصل ڪالوني فلائي اوور تي گڏ ٿي ويا.پوليس موجب، شهري ماڻهن کي اڳتي وڃڻ کان روڪيندا رهيا. اطلاع ملندي ئي پوليس اهلڪار موقعي تي پهچي ويا. پوليس جي فائرنگ کان پوءِ ڌاڙيل فرار ٿي ويا.پوليس موجب، فلائي اوور تي اسٽريٽ لائيٽ نه هجڻ سبب واقعا ٿين ٿا. چوڌاري اونداهي هجڻ ڪري ڌاڙيل ٻوٽن مان فرار ٿي وڃن ٿا.










