نوشهروفيروز: باءِ پاس روڊ حادثو، 5 ڄڻا فوت

نوشهروفيروز: باءِ پاس روڊ حادثو، 5 ڄڻا فوت

نوشهروفيروز (رپورٽر): نوشهروفيروز باءِ پاس وٽ ٽرالر ۽ ڪار وچ ۾ شاخدار ٽڪر جي نتيجي ۾ عورت ۽ نينگري سميت ڪار ۾ سوار 5 ئي جڻا موقعي تي ئي حياتيون ٻولي ويا.
ان سلسلي ۾ مليل معلومات موجب نوشهروفيروز باءِ پاس واري هنڌ تيز رفتار ٽرالر ۽ ڪار وچ ۾ خوفناڪ حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار بُري طرح تباهه ٿي وئي ۽ ان ۾ سوار عورت ۽ نينگري سميت 5 ئي جڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا.
حادثي کانپوءِ ٽرالر ڊرائيور گاڏي ڇڏي موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. اطلاع تي مقامي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. پوليس موجب ڪار جي حالت سخت خراب ٿيڻ سبب ان کي ڪٽي فوتين جا لاش ٻاهر ڪڍڻ جو عمل جاري آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو