لاڙڪاڻو: (ن س ) پيپلز پارٽي جي ايم پي اي نثار کهڙو طرفان نوان صوبا ٺاهڻ بابت سنڌ اسيمبليءَ ۾ رٿ پيش ڪرڻ بعد ان رٿ تي بحث ڪرائڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسئيشن ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن لاڙڪاڻو طرفان عدالتي ڪاروائين جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۽ ڊسٽرڪٽ ڪورٽ کان ڌار ڌار احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون جيڪي شهر جي مختلف روڊن رستن جو گشت ڪندي جناح باغ چوڪ پهتيون جتي هنن ڌرڻو هنيو.ڌرڻي ۾ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسئيشن جي جنرل سيڪريٽري آصف حسين چانڊيو، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ جاويد بليدي، نائب صدر عامر علي عباسي، جنرل سيڪريٽري عامر سوهو، عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، جسقم جي مرڪزي اڳواڻ اطهر سومرو، جساف جي مرڪزي صدر اشرف ڪلهوڙو، فراز کهاوڙ، زوهيب سومرو، عوامي ورڪرز پارٽي جي خان غفار خان سميت وڪيلن، سياسي سماجي قومپرست تنظيمن، سول سوسائٽي جي اڳواڻن سميت مختلف مڪتبه فڪر سان واسطو رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جتي هنن هٿن ۾ بئنر، پلي ڪارڊ ۽ مختلف تنظيمن جا جهنڊا کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي.ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته نثار کهڙو طرفان سنڌ اسيمبليءَ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ واري بل تي بحث ڪرڻ لاءِ رٿ پيش ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. هنن چيو ته سنڌ پاڪستان ٺاهڻ واري قرارداد پاس ڪري پاڪستان کي جنم ڏنو اڄ ان سنڌ کي ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪري پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته نوان صوبا ٺاهي سنڌ جي وسيلن، ٻيٽن، پاڻي سميت معدنيات ۽ ٻين شين تي قبضي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر سنڌ جو ٻچو ٻچو اهڙين سازشن کي ناڪام بڻائيندو










