لاهور(بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته پي ٽي آءِ اسلام آباد تي چڙهائي جي تياري ڪري رهي آهي ۽ حڪومت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ وفاقي قانون واري وزارت سان گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ سميت مختلف آپشنز بابت مشورا ڪري رهي آهي. هن چيو ته ان ڏس ۾ حتمي فيصلو وزيراعظم شهباز شريف ڪندو. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي گهرو وزير چيو ته انهن ماڻهن جي اڪثريت اصل ۾ لانگ مارچ ۾ حصو وٺڻ نٿي چاهي.هن خبردار ڪيو ته اهي جيڪو رستو هو اختيار ڪري رهيا آهن، ان سان صرف انهن کي ۽ انهن جي پنهنجي ماڻهن کي ئي نقصان پهچندو.محسن نقوي زور ڏئي چيو ته اها صورتحال هرگز نه ٿيڻ ڏني ويندي جتي اهي اچن ۽ ڏهه ڏينهن تائين ڌرڻو هڻي ويهن؛ هن ڀيري انهن سان منهن ڏيڻ لاءِ هڪ مستقل حڪمت عملي جوڙي ويندي.گهرو وزير چيو ته ڀڙڪائيندڙ بيان بازي جنهن کي هن ”سومناٿ“ واري ڌمڪين جهڙو قرار ڏنو،ڪو به اثر نه ٿي رکي؛ جيڪڏهن اهي لانگ مارچ لاءِ اچن ٿا ته هن ڀيري صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويندي.هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني جي طبي معائني بابت انهن ماڻهن کي آگاهه ڪرڻ ضروري ناهي؛ جيڪڏهن انهن جو مطالبو باني جي معائني بابت آهي، ته اهو معائنو ته گذريل رات ئي ڪيو ويو هو.










