اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ٿيل اجلاس جو پڌرنامو جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڳالهين جو پهريون دور مڪمل ٿي ويو، جڏهن ته ٻيو دور سڀاڻي منجهند 2 وڳي اسپيڪر چيمبر ۾ ٿيندو. قومي اسيمبليءَ جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرنامي موجب اجلاس ۾ حڪومت، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ اپوزيشن جي ميمبرن وچ ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ٽنهي ڌرين پنهنجي پنهنجي موقف کان هڪٻئي کي آگاهه ڪيو. پڌرنامي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڳالهين دوران مختلف معاملن تي صبر ۽ سهپ سان تفصيلي بحث ڪيو ويو. حڪومت ۽ پيپلز پارٽيءَ اپوزيشن سان گڏجي قومي مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي زور ڏنو. اجلاس ۾ اسپيڪر اياز صادق حڪومت، پيپلز پارٽي ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڳالهين لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. اجلاس ۾ امير مقام، محسن نقوي، رانا ثناءُ الله، طلال چوڌري ۽ طارق فضل چوڌري شرڪت ڪئي. ان کانسواءِ سينيٽر شيري رحمان، نويد قمر ۽ اعجاز جکراڻي پڻ اجلاس ۾ موجود هئا، جڏهن ته اپوزيشن طرفان بيرسٽر گوهر، راجا ناصر عباس، عامر ڊوگر، اسد قيصر ۽ سلمان اڪرم راجا شرڪت ڪئي. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق اجلاس ۾ پهتل حڪومت ۽ اپوزيشن جي ميمبرن جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اسپيڪر اياز صادق چيو ته هو رڳو ثالث جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ڳالهين کي ڪاميابيءَ سان همڪنار ڪري. سندس چوڻ هو ته مسئلن جي حل ۽ ڳالهين لاءِ سندس آفيس جا دروازا هميشه کليل آهن. هن چيو ته مسئلن جي حل لاءِ اپوزيشن کي هميشه ڳالهين جي دعوت ڏيندو رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اختلافِ راءِ ۽ مسئلن جي حل جو واحد رستو ڳالهين ذريعي ئي نڪري ٿو. اسپيڪر اياز صادق وڌيڪ چيو ته عهدا ۽ آفيسون عارضي هونديون آهن، جڏهن ته پارليامينٽ ئي اهو واحد فورم آهي، جتي مسئلن جو حل ڳولي سگهجي ٿو.










