سجاول مان معياري گيس ۽ ڪنڊينسيٽ جو وڏو ذخيرو هٿ

سجاول مان معياري گيس ۽ ڪنڊينسيٽ جو وڏو ذخيرو هٿ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سرڪاري ملڪيت واري پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ (PPL) سومر ڏينهن اعلان ڪيو آهي ته سنڌ جي سجاول ضلعي ۾ سيراني بلاڪ ۾ ڪمپني جي آپريٽ ڪيل تجارتي کوٽائي واري کوهه ’ڊولفن ايڪس-1‘ مان گئس ۽ ڪنڊينسيٽ جي ”اهم ۽ نئين نوعيت جي“ دريافت ٿي آهي.
ملڪ جي وڏين تيل ۽ گئس پيدا ڪندڙ ڪمپنين مان هڪ PPL پنهنجي بيان ۾ چيو ته، ”هي لوئر انڊس بيسن ۾ جراسڪ دور (ساڍا 14 کان 20 ڪروڙ سال اڳ جو دور) جي چلتن فارميشن (سامونڊي جيون جو تهه جنهن جو نالو بلوچستان جي چلتن پهاڙ نالي رکيو ويو آهي) مان هائيڊرو ڪاربن جي پهرين دريافت آهي، جنهن سان هن وقت تائين اڻ کوٽيل ۽ ڏکين علائقن ۾ هائيڊرو ڪاربن جي ڳولا جو هڪ نئون امڪان کليو آهي.“
پي پي ايل موجب هن دريافت سان ڪمپني ”ملڪ جي زميني دلدلي علائقي ۽ ان جي ممڪنه طور تي گهٽ اونهي سامونڊي علائقن تائين پکڙجندڙ حصن ۾ ڳولا جو نئون محاذ کوليو آهي“، جنهن سان پاڪستان ۾ گهٽ اونهي سامونڊي علائقن ۾ تيل ۽ گئس جي ڳولا جا امڪان وڌيڪ وڌي ويا آهن.
ڪمپني وڌيڪ چيو ته، ”هي علائقو ڏکئي جاگرافيائي محلِ وقوع ۽ دلدلي زمين سبب ڊگهي عرصي کان ڳولا لاءِ ناقابلِ رسائي سمجهيو ويندو هو.“ پي پي ايل واضح ڪيو ته اها پهرين ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن (E&P) ڪمپني آهي، جنهن خاص ٽرانزيشن سامان استعمال ڪندي هن ڏکئي زمين مان گذرڻ ۽ زلزلي جي لهرن ذريعي زيرِ زمين ساختن بابت سيسمڪ ڊيٽا حاصل ڪرڻ جو عمل مڪمل ڪيو.
ڪمپني چيو ته هن اڳ ۾ اڻ ڳوليل علائقي کي هاڻي هڪ ثابت ٿيل پيٽروليم امڪاني علائقي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.
بيان موجب، ”ڊولفن ايڪس-1“ کوهه جي کوٽائي 17 اپريل 2026ع تي شروع ڪئي وئي ۽ ان کي 3,850 ميٽر تائين کوٽيو ويو ته جيئن چلتن فارميشن ۾ هائيڊرو ڪاربن جي موجودگيءَ جي امڪان کي جانچي سگهجي.
کوٽائي دوران حاصل ٿيندڙ نتيجن ۽ وائر لائن لاگز جي ڊيٽا جي بنياد تي هائيڊرو ڪاربن تي مشتمل هڪ زون جي نشاندهي ڪئي وئي.
ڪمپني موجب کوهه جي جاچ دوران ان فارميشن مان ”سٺي معيار جي گئس“ حاصل ٿي، جنهن جي حرارتي قدر 1,000 برٽش ٿرمل يونٽس في معياري ڪعبي فوٽ (Btu/scf) هئي.
گئس جي وهڪري جي شرح 0.942 ملين معياري ڪعبي فوٽ في ڏينهن (MMSCFD) رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته کوهه جي مُنهن تي وهڪري جو دٻاءُ 211 پائونڊ في چورس انچ گيج (psig) هو ۽ 32/64 انچ جي چوڪ استعمال ڪئي وئي.
پي پي ايل ٻڌايو ته سيراني بلاڪ ۾ ڪمپني جو 75 سيڪڙو ورڪنگ انٽريسٽ (WI) آهي، جڏهن ته ان جي گڏيل منصوبي واري ڀائيوار گورنمينٽ هولڊنگز پرائيويٽ لميٽيڊ (GHPL) جو 25 سيڪڙو حصو آهي.
بيان ۾ چيو ويو ته کوهه جي کوٽائي ۽ جاچ مقامي ماهرن جي صلاحيتن کي استعمال ڪندي ڪئي وئي ۽ چلتن لائيم اسٽون جي اندر هائيڊرو ڪاربن جي هڪ نئين امڪاني ذخيري جي نشاندهي ٿي.
پي پي ايل نشاندهي ڪئي ته جيولوجيڪل، جيو فزيڪل ۽ انجنيئرنگ ٽيسٽ جي ابتدائي نتيجن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ذخيري (Reservoir) جي نوعيت ”ٽائيٽ“ آهي، يعني ان مان تيل يا گئس جي وهڪري جي قدرتي صلاحيت محدود ٿي سگهي ٿي.
بهرحال، ڪمپني واضح ڪيو ته ان ڳالهه جي حتمي تصديق لاءِ وڌيڪ جائزو وٺڻ ضروري آهي. ان لاءِ کوٽائي ۽ جاچ دوران گڏ ڪيل جيولوجيڪل ۽ جيو فزيڪل (G&G) ۽ رزروائر انجنيئرنگ جي ڊيٽا جو وڌيڪ تفصيلي تجزيو ڪيو ويندو.
ڪمپني پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي ”دور رس نظرئي“ کي به ساراهيو، جنهن کي پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ جي ”قابل قيادت“ ۾ لاڳو ڪيو ويو. PPL چيو ته انهن قدمن سبب ملڪ جي اڻ ڳوليل ۽ ڏکين علائقن ۾ تيل ۽ گئس جي ڳولا ممڪن ٿي سگهي.
پي پي ايل منصوبي دوران پاڪستان نيوي جي قيمتي سهڪار کي پڻ ساراهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو