ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي بجلي بحال، پاڻي جي فراهمي بحال

ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي بجلي بحال، پاڻي جي فراهمي بحال

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي بجلي بحال ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ ڪراچي جي متاثر علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي پڻ بحال ڪئي وئي آهي.واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان موجب، جمعي جي رات ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جي ٽئين مرحلي ۾ بجلي جو بريڪ ڊائون ٿيو، جنهن سبب ڪراچي کي 52 ملين گيلن پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو.ترجمان موجب، ڪي اليڪٽرڪ بجلي جي بندش جو سبب ڪيبل فالٽ قرار ڏنو هو، جنهن جي ڪري لانڌي، ڪورنگي، شاهه فيصل، ڊفينس، ڊي ايڇ اي، قيوم آباد ۽ ڪارساز جي علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي متاثر ٿي.واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان چيو ته بجلي بحال ٿيڻ کان پوءِ متاثر علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي پڻ بحال ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو