ڪراچي،6 ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق

ڪراچي،6 ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)جناح جي شهر ڪراچيءَ جي 6 ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي.نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر فار پوليو موجب ڪراچي سينٽرل، ايسٽ، ڪياماڙي، ملير، سائوٿ ۽ ويسٽ جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس مليو آهي. ان کان اڳ جون مهيني دوران ڪراچيءَ جي انهن 6 ضلعن ۾ وائرس جو سراغ نه مليو هو.جولاءِ ۾ سنڌ جي ضلعي ڪشمور جي ماحولياتي نموني مان به پوليو وائرس جي تصديق ٿي هئي. ان کان سواءِ بلوچستان جي ضلعن چمن، ڏيرا بگٽي ۽ ڪوئٽا، خيبر پختونخوا جي بنون ۽ پشاور، ۽ پنجاب جي شهر راولپنڈيءَ مان جولاءِ ۾ ورتل ماحولياتي نمونن ۾ به پوليو وائرس مليو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو