خواجه اجمير نگري ۾ پوليس مقابلو، 3 ڦورو مارجي ويا

خواجه اجمير نگري ۾ پوليس مقابلو، 3 ڦورو مارجي ويا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي خواجه اجمير نگري علائقي ۾ پوليس مقابلي دوران ٽي ڌاڙيل مارجي ويا.ايس ايس پي سينٽرل موجب، چار هٿياربند جوابدار عزيز آباد ۾ هڪ گودام ۾ گهڙي هڪ شهري کي ڦريو هو.ايس ايس پي سينٽرل چيو ته پوليس عزيز آباد مان جوابدارن جو پيڇو ڪري رهي هئي. پوليس مقابلي دوران ٽي جوابدار مارجي ويا جڏهن ته هڪ فرار ٿي ويو.ايس ايس پي سينٽرل موجب، مقابلي دوران، پوليس جوابدارن کان هٿيار، چوري ٿيل سامان ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي.ٻئي طرف، منگهو پير ۾ ڦر جي مزاحمت دوران فائرنگ ۾ هڪ ڇوڪرو مارجي ويو. ڇوڪري جي پيءُ جو چوڻ آهي ته سندس پٽ 8 ڀينرن جو اڪيلو ڀاءُ ۽ ميٽرڪ جو شاگرد هو. قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي، انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ سخت سزا ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو