پاڪستان جو امن ۽ استحڪام اسان جو عزم آهي: صدر زرداري

پاڪستان جو امن ۽ استحڪام اسان جو عزم آهي: صدر زرداري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)مملڪت جي صدر آصف علي زرداري دهشتگرديءَ جي متاثرين کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ وڏي قيمت ادا ڪئي آهي.دهشتگرديءَ جي متاثرين جي ياد ۽ خراجِ عقيدت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي صدر مملڪت چيو ته دهشتگرديءَ جا زخم قومي ياداشت جو حصو آهن، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ قربانين جو سلسلو جاري آهي. هن چيو ته دهشتگرديءَ جي بلا امتياز مذمت ضروري آهي ۽ ڪنهن به ملڪ خلاف دهشتگرديءَ لاءِ ڪو به علائقو استعمال نه ٿيڻ گهرجي.آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته نوجوانن کي انتهاپسنديءَ کان بچائڻ لازمي آهي، دهشتگرد قومي عزم ٽوڙڻ ۾ ناڪام ويا آهن، پرامن ۽ مضبوط پاڪستان اسان جو عزم آهي. صدرِ مملڪت دعا ڪئي ته الله تعالى پاڪستان کي دائمی امن ۽ خوشحالي عطا فرمائي.

پهنجو تبصرو موڪليو