لاهور: (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته نون صوبن جو فيصلو پارليامينٽ ڪندي، حڪومت ريفرنڊم جو فيصلو پاڻ نٿي ڪري سگهي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته نون صوبن جي باري ۾ مسلم ليگ(ن) جي اندر مشاورت جو سلسلو جاري آهي. معاملو جڏهن پارليامينٽ ۾ ايندو ته(ن) ليگ پاليسي بيان ڏيندي.هن چيو ته پيپلز پارٽي صوبن جي معاملي تي وڌيڪ ري ايڪشن ڏنو. صوبا ٺاهڻ بابت معاملا صحيح جڳهه کان شروع نه ٿيا آهن.اڃان تائين وفاقي ڪابينه ۾ صوبن جي معاملي تي ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ٿيون آهن. وفاقي وزير اڪنامڪ فورم تي بحث ڇيڙي غلط ڪيو. وفاقي وزير معاملي کي ڪابينه ۾ ناهي اٿاريو.راڻا ثناءُالله وڌيڪ چيو ته صوبن بابت ڳالهيون فورمز ۽ تقريرن کان اڳيان نه وڌنديون عوام جي خواهش هجي ته نوان صوبا ٺاهڻ کان ڪير به نٿو روڪي سگهي. هن چيو ته ايندڙ ڏينهن دوران نون صوبن بابت پارليامينٽ ۾ بحث ٿي سگهي ٿي جنهن ۾ سموريون پارٽيون پنهنجو موقف ڏينديون، نون صوبن بابت(ن) ليگ جي موقف تي ڳالهيون جاري آهن. (ن) ليگ بحث ۾ حصو به وٺندي، وزيراعظم انهي معاملي تي ڳالهيون ڪندو.هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ(ن) جي وچ ۾ آزاد ڪشمير چونڊن جي دوران پيدا ٿيل وڇوٽين ۾ ڪافي گهٽتائي اچي چڪي آهي گڏيل خدشا ختم ڪرڻ جي لاءِ ڳالهين جو عمل جاري آهي. بلدياتي چونڊن جي حوالي سان وزيراعظم جي صلاحڪار جو چوڻ هو ته پنجاب حڪومت بلدياتي اليڪشن جو ارادو رکي ٿي.










